سنڌي شاعري 1

سنڌي شاعري :
شاعري قديم وقت کان وٺي، انسانن جو پنهنجي ديوتائن سان اظهار جو هڪ ذريعو هوندي هئي ۽ اهو عقيدو به هر وقت ۽ هر ملڪ ۾ رائج رهيو آهي ته شاعر کي غيبي طاقتن طرفان سڌو سنئون الهام ٿيندو آهي. پر ڇا واقعي شاعري قدرت طرفان الهامي آواز آهي؟ ته ان بابت تضاد موجود آهن. جهڙيءَ ريت اهو نظريو شڪي آهي ته شاعر کي خدا تعاليٰ يا ڪنهن عقل ڪل يا ڪنهن غيبي طاقت طرفان ڏنل پيغام آهي، اهڙيءَ ريت اهو نظريو به رد نٿو ڪري سگهجي ته پيغام ذهن ۾ ايندڙ دماغ جي فتور، پريشان خوابن يا غير شعوري نفس جي پيداوار هوندو آهي. چون ٿا ته دنيا جي قديم ادب ۾ هر هنڌ خواب ۽ ان جون تعبيرون هٿ اچن ٿيون. پر اسان جي وقت ۾ خوابن جي تعبير جي تفسير وٺڻ جي ڪابه ڪوشش نه ورتي وئي. افلاطون پنهنجي ڪتاب ‘جمهوريا’ ۾ لکي ٿو ته، “خوابن ۾ اهو اندر جو حيوان، جيڪو اتي لِڪل ويٺو آهي، پنهنجون گردشون ڏيکاريندو رهندو آهي.” افلاطون کان اٽڪل ٻه هزار ورهيه پوءِ نفسيات جي مشهور ماهر فرائيڊ انهيءَ اندر جي حيوان کي قابو آڻڻ لاءِ ڪيترا وسيلا ٻڌايا آهن.
پر اسان کي قطعي طور تي انهيءَ نتيجي تي نه پهچڻ گهرجي ته شاعري محض نفيس غير شعوري جي پيداوار آهي، پر ان هوندي به اها ڳالهه نظرانداز ڪرڻ جهڙي ڪونهي ته شاعري هڪ فن آهي، ۽ هر فن ۾ ٻه شيون تمام ضروري ٿين ٿيون. هڪ مواد، جنهن تي ڪلاڪار عمل ڪري ٿو، ۽ ٻيو هيئت، جيڪا ڪلاڪار پنهنجي دماغ مان پيدا ڪري مواد تي لاڳو ٿو ڪري، ۽ ٽين شيءِ به درڪار هوندي آهي، يعني هڪ موقعي، هڪ تحريڪ، هڪ جذبي جو هئڻ ضروري آهي. مثال طور: سرءُ جي مند آهي ۽ جهنگ ۾ اولهه ڏي سج غروب پيو ٿئي، ان منظر ۽ ان واقعي سبب هڪڙي شاعر، هڪ چترڪار ۽ هڪڙي موسيقار جي دل ۾ جيڪي جذبا پيدا ٿيندا، انهن کي هو پهنجي فن جي وسيلي اظهار ڪندو. شاعر جو وسيلو ٻولي هوندو آهي. زبان لفظن جو مجموعو آهي.
شاعريءَ کي پنهنجو هڪ خاص علم ٿيندو آهي، جو هر ملڪ ۽ ٻوليءَ جي مزاج وٽان مرتب ٿيل هوندو آهي. اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ وزن جا عام طور تي ٻه سرشتا رائج ٿيل آهن، هڪ آهي عربي فارسي ‘علم عروض’ ۽ ٻيو ‘ڇند وديا’ يا موسيقيءَ جو علم. هر ٻوليءَ جون لفظي ۽ صوتي جوڙجڪ جون تقاضائون ئي شاعر کي مجبور ڪنديون آهن، ته هو شعر جو ڪهڙو علم ۽ قاعدو پنهنجي شاعريءَ لاءِ استعمال ٿو ڪري. اسان سنڌي شاعريءَ جو مطالعو ڪنداسين ته معلوم ٿيندو، ته اها هندي ڇند توڙي فارسي علم عروض ٻنهيءَ تي سرجي وئي آهي، ۽ اڄ به سرجي وڃي ٿي. اسان جي سمورن ڪلاسيڪل شاعرن قاضي قادن، شاهه ڪريم، ميون شاهه عنات، لطف الله قادريءَ، شاهه لطيف، خليفي نبي بخش، سچل، ساميءَ ۽ ٻين جي شاعريءَ تي قديم دؤر وارو ڇند جو علم ۽ موسيقي ڇانيل آهي. جيتوڻيڪ ويجهڙائيءَ وارن ڪجهه ڪلاسيڪل شاعرن علم عروض تي به طبع آزمائي ڪئي، پر مجموعي طور سندن ڪلام فني طور تي ڇند وديا تي آڌاريل آهي. ڇند وديا جو علم سنڌي شاعريءَ جو قديم ترين نمونو آهي، ان تي موسيقيت جو گـهرو اثر آهي. اهڙيءَ طرح علم عروض جو خالق خليل بن احمد بصري آهي، جنهن جو تعلق عرب سان هو، هن علم عروض جو بنياد 15 بحرن تي رکيو. تنهن کانپوءِ ابو الحسن هڪ وڌيڪ بحر ايجاد ڪيو ۽ باقي 3 بحر پوءِ ٻين ڪڍيا، جنهن ڪري ڪل 19 بحر هن وقت تائين ايجاد ٿي چڪا آهن. هيءُ علم به عرب کان ٿيندو ايران پهتو ۽ ايران جي ذريعي سنڌ ۽ هند جي شاعريءَ جي زينت بڻيو.
سنڌيءَ ۾ هن قسم جي عروضي شاعريءَ جا اهڃاڻ، مخدوم عبدالرؤف (1682ع-1752ع) جي مولودن ۽ جمن چارڻ (1668ع-1738ع) جي مناجات مان ملن ٿا، ان کانپوءِ ٽکڙ ۽ شڪارپور جي شاعرن جي هٿ آيل شاعري هن فن جي اوائلي اهڃاڻن جي گواهي ڏي ٿي، پر پوءِ جڏهن سنڌ ۾ فارسي زبان حڪمرانن جي دفتري زبان بڻي، ۽ غزل اسانجي شاعريءَ ۾ وارد ٿيو، ته فارسي علم عروض کان اسان جا شاعر متاثر ٿيا، اهڙي شاعري، ڪلهوڙن جي دؤر کان باقاعده شروعات ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي، فرق صرف ايترو آهي ته عروضي شاعريءَ جو هڪ دؤر اهڙو هو، جنهن ۾ هن قسم جي فن جو باقاعده غلبو ته ٿي ويو، پر ان شاعريءَ جي موضوعاتي دنيا به فارسي تقليد جي ور چڙهي وئي، جنهن جمود کي جديد سنڌي شاعريءَ اچي ٽوڙيو. ڪيتريون عروضي صنفون اڄ به مروج آهن، پر انهن جي موضوعاتي دنيا جو تعلق مقامي حالتن سان آهي.
هتي سنڌي شاعريءَ جي انهن اهم صنفن جو ذڪر ڏجي ٿو، جن سنڌي شاعريءَ کي فني حوالي سان نوان رخ ڏنا.
حـمـد: حمد لفظ جي معنيٰ خدا پاڪ جي تعريف، ساراهه ۽ شڪرانو آهي. حمد، نظم جو اهو نمونو آهي، جنهن ۾ڌڻيءَ جي ثنا ساراهه، وڏائي ۽ سندس ڳڻ ڳايا ويندا آهن. حمد ۾ شاعر اها ساراهه بيان ڪندا آهن، جيڪا ڌڻيءَ کان سواءِ ڪنهن کي نٿي سونهين. سنڌي شاعريءَ ۾ حمد، اوائلي دور کان ملي ٿو. حمد مذهبي موقعن توڙي عام تقريبن جي شروعات ۾ به پڙهيو ويندو آهي. ريڊيو، ٽيلي ويزن توڙي مسجدن ۾ عام طور تي ڳاتو ويندو آهي، مذهبي احترام ڪارڻ هن ۾ موسيقيءَ جو استعمال ممنوع هوندو آهي. مثال:
اڄ ته باغن ۾ بهاريون، واهه قدرت رب ڪريم،
اڄ ته ملڪن ۾ ملهاريون، واهه قدرت رب ڪريم.
ڇا چوان ڇانڇر ڇنن ۾؟ ڇا ڏسان ڇاتئون ڇمر،
ڇا ٻڌان ٻوليون پياريون، واهه قدرت رب ڪريم.
وس ٿئي واسي وريا، واسيا ولين وڻ ٽڻ ولهار،
واهه ساوڪ واهه ساريون، واهه قدرت رب ڪريم.
ڪالهه ميٽون ملڪ تي، ميريون لڳيون ٿي ماڙيون،
اڄ سرائون صاف ساريون، واهه قدرت رب ڪريم.
(حاجي احمد ملاح)
نعت: نعت جي لفظي معنيٰ “تعريف يا وصف” آهي ۽ شاعريءَ جي اصطلاح ۾ نعت ان کي چئبو آهي، جنهن ۾ نبي سڳوري صلي الله عليه وآلـھ وسلم جي مدح، ثنا ۽ صفت بيان ڪيل هجي. نعت، نظم جي اها صنف آهي، جنهن ۾ پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآلھ وسلم جي شان کي بيان ڪيو وڃي. هن جي ٽيڪنڪ وائي، گيت توڙي نظم جهڙي ٿئي ٿي، جنهن ۾ رڳو موضوع مخصوص ٿيندو آهي. جنهن ۾
حضور صه جن جي ذڪر ۽ فڪر کي مختلف اندازن ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ نعت گوئي، اوائل دَور کان ئي مروج آهي. تمام گهڻن شاعرن، تمام وڏي انداز ۾ نعتون چيون آهن، جيڪي مذهبي موقعن، مسجدن توڙي ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي پڙهيون وينديون آهن. مذهبي احترام ڪارڻ نعت ڳائڻ مهل ساز جو استعمال ممنوع آهي. سنڌيءَ ۾ هن قسم جي نظم کي ‘مولود’ پڻ چيو ويندو آهي.
مثال:
قلم کي ڪنهن چيو سڀڪجهه لِکي وٺ،
ڪمالِ فڪر جي عظمت لِکي وٺ.
رســول الله جـي مِـدحــت سـرائـي،
خــدا جــي حـڪـمـتـن جـي رونمـائـي.
محمد مظهرِ نُــور خـــدا ٿـيــو،
مـحـمـد سـيـــدِ صـلــي عــلـيٰ ٿـيـو.
اُنهـن تان مان وڃـان صــد بـار صدقي،
اُنهيءَ جي در تان سڀ گهر ٻار صدقي.
(احسن الهاشمي)
سلام: سلام، مرثيي جو هڪ اهڙو قسم آهي، جيڪو گهاڙيٽي جي لحاظ کان غزل يا قصيدي جي گهاڙيٽي ۾ لکيل هجي. اهڙي مرثيي جي نظم ۾ لفظ “سلام” جو ڪثرت سان استعمال ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ جو هن ۾ امام سڳورن جي شان ۾ “سلامپيش ڪيا ويندا آهن. هن قسم جي شاعريءَ جو بنياد ميرن جي دور ۾ پيو ۽ مرثيي وانگر سلام جي صنف کي به سنڌيءَ ۾ سيد ثابت علي شاهه مروج ڪيو.
مثال:
شاهه شهيدان حسين تو تي صلوات و سلام،
دين ۽ ايمان حسين تو تي صلوات و سلام.
وارث دين نبي مالڪ ملڪ علي،
تارڪ دنيا ڌڻي تو تي صلوات و سلام.
دين ۽ دنيا ڌڻي ڪوثر و طوبيٰ ڌڻي،
جنت اعليٰ ڌڻي تو تي صلوات و سلام.
(ثابت علي شاهه)
ڳاهه: ڳاهه سنڌي بيت جو قديم ترين نمونو آهي. ‘ڳاهه’ هڪ قسم جا واقعاتي ۽ بياني بيت آهن. ڀانئجي ٿو ته ان لفظ جو بنياد ‘ڳاءِ’ آهي ۽ ڳاءِ مان ‘ڳاهه’ ٿي ويو. هنديءَ ۾ ان جو متبادل لفظ گاٿا آهي. سٽاءَ جي لحاظ کان ‘ڳاهه’ ‘منظوم مصرعون’ آهن، جن مان اڪثر ڏوهيڙي جي شڪل ۾ آهن ۽ ٻنهي سٽن جي آخر ۾ قافيو اچي ٿو. البت ڪن ڳاهن ۾ ٻن مصرعن کانپوءِ مستزاد وانگر وراڻيءَ طور هڪ ننڍي تڪ به پويان بيهاريل آهي. ڪي ڪي ڳاهون سورٺي يا سورٺي دوهي جي سٽاءَ هيٺ به چيون وينديون هيون. مضمون جي لحاظ کان انهن ۾ قصي جي ڪن موقعن ۽ واقعن جو مضمون آيل هوندو آهي، انهن جي قدامت ڪٿي نه ٿي سگهجي. البت ايترو چئي سگهجي ٿو ته ‘ڳاهه’ تمام قديم زماني کان ڀَٽن، ڀانن ۽ ٻين سگهڙن جي زباني هلنديون پيون اچن. سومرن جي دؤر ۾ انهن جو رواج عام هو. اهڙين جنگي موضوع وارين ڳاهن کي ‘رزميه ڳاهه’ پڻ چيو ويندو هو. اهڙيون ڳاهون 1150ع کان 1250ع تائينءَ جي سمن ۽ سومرن جي گجرن سان لڙاين، دودي ۽ چنيسر جي جنگ ۽ ٻين ويڙهاندن ۾ عام ملن ٿيون. ائين انهن مان ڪي ڳاهون، سنڌ جي تاريخي واقعن سان تعلق رکن ٿيون ته ڪي رومانوي داستانن سان، ڪن ۾ سخي سردارن جي ساراهه ٿيل آهي ته ڪن ۾ رزميه معاملا آهن. سومرا دؤر جي هيءَ مقبول ترين صنف هئي، جنهن ۾ ان دؤر جي رومانوي داستانن سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻي، ڏمڻ سو ناري وغيره جي باري ۾ داستان گوئي هوندي هئي. رزميه ۽ تاريخي قصن جي باري ۾ سومرا گجر جنگ، سومرا علاؤالدين جنگ، ڄام هالو همير سومرو جنگ بابت به ڳاهون ملن ٿيون. خوشي، رنج ۽ غم جي باري ۾ پڻ ڪافي ڳاهون موجود آهن.
ڳاهه هڪ گهڻ موضوعاتي صنف آهي. اوائلي دؤر ۾ محدود صنفن ڪارڻ سمورا قصا، واقعا، داستان ۽ ڪهاڻيون ڳاهه جو موضوع بڻجي پئي سگهيون. درٻاري شاعرن کان انقلابي شاعر، فطرتي شاعرن کان سگهڙ ۽ چارڻ بلڪه سيکڙاٽ شاعر به هر قسم جي موضوع تي ڳاهه ۾ طبع آزمائي ڪندا هئا. سومرا دؤر جي ڳاهه جا ٻه اهم شاعر ڀاڳو ڀان ۽ سمنگ چارڻ آهن، جڏهن ته هان فقير، ڀرپور شاهه، بکر جا رضوي سيّد ۽ پير پٺو به قابل ذڪر آهن. ‘ڳاهن’ جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:
آءُ ٻانهي، راڻيون ٻيون، مون نيڻين مَ ڀُل،
سندي ڪاڪ ڪنڌيءَ، آهي ڪامڻين هُل.
-
اُڀ سڀ ڪنهن اچو، اُڀ نه اچو ڪوءِ،
مئي به مٿي ٿئو، سورهيه سر سندوءِ.
-
جر نه کُٽي ڪنگرين، راوَ نه ڳنڍين ويڻ،
گولي ويندي گجرين، ته به چوندا دودي ڀيڻ.
گِـنـان: سومرا دؤر ۾ اسلام جي مختلف فرقن جا مبلغ سنڌ ۾ آيا، تڏهن هڪ طرف سهروردي ۽ قادري طريقي جا عالم سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ تبليغ ڪرڻ لڳا، ته ٻئي طرف اسماعيلي فرقي جا عالم به پنهنجي فرقي جي تبليغ ڪرڻ لڳا. اسماعيلي عقيدي جي ارڙهين امام جي فرمان تحت، سيّد نورالدين 1079ع ۾ هتي آيو. ان ئي تبليغ جي سلسلي ۾ پير شهاب الدين ۽ سندس فرزند پير صدرالدين، هتان جي مقامي زبانن هندي، گجراتي ۽ سنڌي زبان جي ڪڇي، لاڙي ۽ ملتاني محاورن ۾ ڪلام چيو، ۽ ان تبليغي ۽ تعليمي ڪلام کي ‘گِـنـان’ جو نالو ڏنو، جيڪو ‘گيان’ جي بدليل صورت آهي. گنان جي ساخت مسلسل نظم جيان آهي، جنهن ۾ هر بند دوهي جي سٽاءُ جـهڙو آهي، ۽ اهڙا ڪيترائي بند ‘گنان’ ۾ ٿين ٿا، جن جي ڪابه مقرر حد نه آهي. شروع ۾ وراڻي ٿئي، جيڪا هر بند کانپوءِ وري وري دهرائجي ٿي. وائيءَ جي صنف لڳ ڀڳ هن قسم جي نظم جـهڙي آهي. ان مان لڳي ٿو ته سنڌ ۾ وائيءَ جي سٽاءَ جهڙي صنف، وائيءَ کان اڳ موجود هئي. مضمون جي لحاظ کان گنان ۾ مذهبي تعليم، اخلاقي سکيا ۽ دنيا جي بي ثباتي بيان ڪيل آهي. گنان جي اوائلي شاعرن ۾ پير شمس سبزواري، پير شهاب الدين، پير صدرالدين ۽ پير حسن ڪبير الدين نمايان آهن. گنان جو هڪ نمونو هن طرح آهي:
شاهه جو مڃيئڙو تن، جيڪي صبوحڙي جاڳن،
اٿي الله نه گهرين بندا، تون ستين سڄي رات،
نڪا جهوري جيوَ جي، ٻانها نڪو ثمر ساٿ،
شاهه جو مڃيئڙو تن، جيڪي صبوحڙي جاڳن،
جي صبوحڙي نه جاڳيا، تن حورون ڏين نه هٿ،
سي هئه هئه ڪندا هٿ، هڻندا جيئن هاري وڃائي وٿ،
شاهه جو مڃيئڙو تن، جيڪي صبوحڙي جاڳن.
نڙ بيت: هي بيت گهڻو ڪري طويل ٿيندا آهن، جن جي آخري سٽ جي وچ ۾ قافيو ايندو آهي. هنن بيتن ۾ اڪثر ڪري سنڌ جي عشقيه لوڪ داستانن: عمر مارئي، سسئي پنهون، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، سهڻي ميهار کان سواءِ ڏورانهن ڏيهن جي رومانوي داستانن: هير رانجها، ليليٰ مجنون، جمجمه سلطان ۽ سيف الملوڪ بديع الجمال، شيرين فرهاد وغيره جا واقعا ۽ احوال به بيان ڪيا ويندا آهن. نڙ بيت ۾ انهن کانسواءِ حميده، نعتيه، مدحيه مضمون، اخلاقي، مذهبي ۽ رومانوي نڪتا به بيان ڪيا ويندا آهن.
هنن بيتن کي نڙ بيت ان ڪري چيو ويندو آهي، جو سنڌ ۽ بلوچستان جي عوامي ۽ قديم ساز نڙ جي لئي ۽ ڌُن تي خاص الحان سان پڙهيا ويندا آهن. محفل ۾ نڙ وڄائڻ وارو نڙ وڄائيندو رهندو، ان جي سر، لئي ۽ ڌن تي بيت پڙهڻ وارو مخصوص انداز ۾، بيت پڙهندو رهندو آهي. هن قسم جي بيتن جو سرواڻ شاعر سانوڻ فقير خاصخيليءَ کي قرار ڏنو وڃي ٿو، جيڪو نڙ بيت جو مهان شاعر ٿي گذريو آهي.
مثال:
سرتيون پرتيون رب کي، آئون هت اڄوڪي،
قسمت مون کي قيد ڪري، رات هتي روڪي،
سج لهي سانجهي ٿي ڪئي چنڊ به چانڊوڪي،
ڪلهي ڦاٽم ڪنجرو، ٻڌان ڪيئن ٻوڪي،
ڇوڙيان ڪيئن ڇپر ۾، ڪمر ڪالهوڪي،
سڄي ٿي سانوڻ چئي، اڃا منزل مهندوڪي،
پنهل پاڊوڪي، وڃي ٿيو وڻڪار ۾.
(سانوڻ فقير)
سانوڻ فقير کان سواءِ ٻين به ڪيترن سگهڙن ۽ شاعرن نڙ بيت چيا آهن، جن ۾ سندس شاگرد مولابخش خاصخيلي ولد سليمان خاصخيلي، ان جا شاگرد حسين فقير گهمرو، الهرکيو، اسماعيل ۽ عالم کان سواءِ محمود شيخ، بچايو فقير رند، الهڏنو نوناري، مدو فقير عرف مدد علي نظاماڻي، جمعو ٻارڻ، مريد مري، پانڌي پنهور ۽ ٻيا به شامل آهن. پر پاهڙ دل جا بيت پنهنجي زماني ۾ سنڌ جا ناميارا نڙائي بخش چانڊيو، بخش ڇڄڙو ۽ سينگار مڱريو سڄيءَ سنڌ ۾ ميلن ملاکڙن ۾ نڙ تي چوندا هئا.
ڏهـر: ‘ڏهـر’ لفظ ‘ڏاهه’ مان نڪتل چيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي: “سڌ سماءُ، ڏس، سڏ، اطلاع”. اصطلاحي معنيٰ ۾ ڏهر، بيت جو اهو قسم آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، منقبت، اصحاب ڪرام ۽ ٻين اولياءَ ڪرام جي واکاڻ، اسلام تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ۽ مرشد جي تعريف جو موضوع شامل هوندو آهي.
هالا جي مخدوم نوح رح جي درگاهه جا مريد، پنهنجي مرشدن جي تعريف ۾ ذڪر جي سلسلي کي به ‘ڏهر’ چوندا آهن. ‘ڏهر ڏيڻ’
جو مطلب آهي: “وڏي آواز ۽ خاص ڍار سان اهڙا بيت ڏيڻ، جن ۾ مخدوم نوح رح ۽ سندس درگاهه جي صفت بيان ٿيل هجي. عام طور تي سنڌ ۾ مخدوم نوح جي مريدن جي سروري جماعت کان سواءِ ٻيو ڪنهن به شاعر اهڙن بيتن لاءِ ڏهر جو لفظ استعمال نه ڪيو آهي.
غوث بهاءُ الحق ذڪريا ملتانيءَ جي مريدن ۾، سمهن (سماع) ۾ اهڙي نوعيت جا بيت ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، پر انهن کي هو ڏهر بدران بيت ئي
چون ٿا.
ڏهر جي قدامت جي حوالي سان، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو چوڻ آهي ته حضرت مخدوم نوح جو هيٺيون بيت “ڏهر” آهي:
متان ڏسي موهجين، دنيا وارو ڌڄ،
جدا ڪر جودئون، ڇائيءَ کي ٿي ڇڄ،
اڄ نه ٿي سڀان، سڀان نه ٿي اڄ،
نرمل نوح فقير چئي، ڪر رب سان ريجهي رڄ،
مٺيون ڀيري ڀڄ، وقت وڃي ٿو ويسلا.
(مخدوم نوح)
مخدوم امين محمد، سيد حيدر شاهه اجنائي ۽ منٺار فقير ولد قبول محمد راڄڙ، ڏهر جا مقبول شاعر آهن.

مثال:
جي اَسائو آهيين ته هلي وڃ هالين،
جي ستي جا سيڪڙو، سي پين پيالين،
ڪوجهي افعالين، پر نه ڇڏي پانهنجا.
(حيات فقير جت، جاتي)
ٽيهه اکري: هيءَ نظم جي هڪ صنف آهي. “ٽيهه اکري” مان مراد اهو نظم، جيڪو عربي “الف- بي” جي اکرن مطابق سلسليوار چيل هجي. عربي ’الف- ب‘ جا اصولي اکر جملي اٺاويهه (28) آهن، جن جو سلسلو آڳاٽي وقت کان وٺي، هن طرح قائم ٿيل آهي: الف، ب، ت، ث، ج، ح، خ، د، ذ، ر، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق، ڪ، ل، م، ن، و، هه، ي- البت ٻارن کي همزه الف (ء) توڙي ’لام‘ ۽ ’الف‘ جي گڏيل صورت ”لا“ کي سيکارڻ خاطر استادن، انهن کي پڻ جدا اکرن جي صورت ۾ ’هه‘ کان پوءِ داخل ڪيو، جنهنڪري ”الف- ب“ جي ٽيهن اکرن وارو ڳاڻيٽو توڙي انهن جو هڪٻئي پويان سلسلو عام رائج ٿي ويو. انهن ٽيهن اکرن جي سلسلي مطابق جوڙيل نظام کي فارسيءَ جي لحاظ سان ‘سه حرفي’ ۽ خالص سنڌي اصطلاح موجب ”ٽيهه اکري“ چيو ويو. ظاهر آهي ته سنڌي نظم جي هيءَ ”سه حرفي“ يا ”ٽيهه اکري“ علمي ماحول ۾ اُسري. عربي ”الف- ب“ جي ٽيهن اکرن ۽ انهن جي سلسلي جي ڄاڻ انهن کي هئي، جي خود پاڻ مڪتب ۾ ويٺا، يا جيڪي ڄاڻن کان پڇي ’الف- ب‘ جي سلسلي کان واقف ٿيا. عربي توڙي فارسي ”باب نامن“ ذريعي، الف ۽ الف سان شروع ٿيندڙ لفظن؛ ب ۽ ب سان شروع ٿيندڙ لفظن؛ ۽ اهڙيءَ طرح باقي اکرن ۽ انهن سان شروع ٿيندڙ لفظن اچارڻ جي مشق سان ’تجنيس حرفي‘ جي پڻ مشق ٿيندي رهي، جا صنف ٽيهه اکريءَ جو ڪارڻ بني. ’تجنيس حرفي‘ جي هن دلپذير مشق، جي هرهڪ اکر بعد ان ساڳئي اکر سان شروع ٿيندڙ لفظ ملائي نظم جا بند جوڙين، اهڙيءَ طرح ٽيهن ئي اکرن پويان ملايل نظم جي ٽيهن بندن يا بيتن کي “سه حرفي” سڏيو ويو.
سنڌي اساسي ادب ۾ “ٽيهه اکري” نظم جو سلسلو اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ اڍائي ٽي سؤ سال اڳ شروع ٿيو. جيئن ته هيءَ صنف علمي ماحول ۾ اسري، انهيءَ ڪري اڪثر ٽيهه اکريون قلمبند ٿيون ۽ قلمي توڙي ڇاپي نسخن ذريعي محفوظ ٿيون. نج سنڌي بيتن جي نهج تي چيل آڳاٽي ۾ آڳاٽي ٽيهه اکري شاهه عبداللطيف ڀٽائي (وفات 1165هه/ 1989ع) جي ”رامڪلي“ سُر ۾ چيل آهي. ٻي آڳاٽي ٽيهه اکري ميين عيسيٰ جي آهي، جا هن غالباً 1163هه بعد جوڙي. اها ٽيهه اکري يڪي قافيي آڻڻ سان ڊگهن بندن جي صورت ۾ چيل آهي. ان کان پوءِ واري دور ۾ شاعرن گهڻو ڪري ٽيهه اکريون چيون ۽ قلمبند ڪيون آهن.
ٽيهه اکري ۾ گھڻو ڪري مدحون لکيون ويون آهن. سنڌ جي فارسي گوشاعرن لا تعداد سه حرفيون مولا علي عليه السلام جي شان ۾ چيون آهن، جن ۾ ميرزا مراد علي بيگ سائل جي فارسي سه حرفي تمام ناياب آهي ۽ سنڌي ۾ عروضي شاعري ۾ مير حسن علي خان ٽالپر ۽ ميرزا قاسم علي بيگ جون سه حرفيون لاجواب آهن.
(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻئي تان ورتل)
جنگ نامه: جنگ نامه واقعاتي شاعريءَ جو اهو نمونو آهن، جن ۾ ڪنهن جنگ جي يادگيري/ منظر نگاري يا جيت يا هار جو نقشو چٽيل هجي. هي عرب جي قديم رجزيه شاعريءَ وانگر هوندي آهي، جنهن کي رزميه شاعري پڻ چئجي ٿو. رزميه شاعريءَ کي Epic چوندا آهن. هومر جي اليڊ ان جو هڪ اعليٰ مثال آهي. فردوسيءَ جو شاهنامو به رزميه مثنوي آهي. سنڌيءَ ۾ شروعاتي جنگ نامه مثنوي صنف ۾ لکيا ويا، جن ۾ 1873ع ۾ لکيل سڪندرنامه، غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائيءَ جو سڪندرنامه (1311هه)، غلام محمد نظاماڻيءَ جو سڪندرنامه، گل محمد رند جو سڪندرنامه، مير حسن علي خان حسن جا شهنشاهه نامه يا حمله حيدري ۽ سنڌ جو شاهنامه به جنگ نامن جا اهم مثال آهن. جنهن کانپوءِ رزميه بيت، مشهور جنگي موقعن تي لکيا ويا آهن. مخدوم غلام محمد بگائيءَ مخدوم عبدالرحمان کهڙن واري جي شهادت جو واقعو منظوم ڪيو، جمن چارڻ ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ قلات جي حاڪم عبدالله خان جي وچ ۾ لڳل لڙائيءَ جو رزميه داستان منظوم ڪيو. اهي رزميه شاعريءَ جا ٻه سٺا نمونا آهن.
ڪلهوڙا دور ۾، قلات جي خان عبدالله جو لشڪر محال ڪڇي، محال ڀاڳ ناڙي ۽ لاڙڪاڻي تي حملا ڪري ڦرون ڪندو رهندو هو. آخر تنگ ٿي ميان نور محمد ڪلهوڙي لاڙڪاڻي جي گورنر شاهه بهاري جي سرواڻيءَ ۾ لشڪر موڪليو. سن 1144هه مطابق 1731ع ڌاري جنيهر (ڪڇي ڀاڳ ناڙي واري علائقي) وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ عبدالله خان سوين ساٿين سوڌو مارجي ويو. ان جنگ جو احوال جنم چارڻ بيتن ۾ ڏنو آهي.
ان کانسواءِ احسان فقير لانگاهه جو ڪيڏارو ۽ ڪربلا جي حوالي سان سيد ثابت علي شاهه جي مرثين ۾ به جنگ نامي جا عڪس ملن ٿا. حضرت امام حسين عه جي شهادت متعلق سيد خير شاهه جو جنگ نامو به شاعراڻي سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. نم فقير مڱڻهار،
لس ٻيلي جون جنگيون بيتن ۾ بيان ڪيون آهن. خليفي نبي بخش جي سُر ڪيڏاري کي شاعريءَ ۾ منفرد سڃاڻپ حاصل آهي. هن پنهنجي ڪيڏاري ۾ سنڌ جي سورهين جي نهيات دليري، ۽ جوانمرديءَ سان وڙهدي سر صدقو ڪرڻ جي حوالي سان جنگ جي نظاري کي، منظوم ڪيو آهي، ان کي رزميه شاعريءَ جو عمدو نمونو چيو وڃي ٿو. مثال:
نوبت ناز نفيل جي، دڙ بادا دڙ انگ،
جوانن کئون جرهاريون، نين اڏايون انگ،
اؤس اتي انا جي، پلٽيا پون پتنگ،
لهريون لحظو لائيو، چاچون ڇڏن چنگ،
هسنگ وڃن نڪريا، خواهن خواهه ختنگ،
راتن سيجون وڇايون، پائي پوش پلنگ،
ويا چڙهي، ايندا وري، لوئي لال للنگ،
نمڪ سندي ننگ، وڃي اڙٻنگ چاڙهيا آڙ ۾.
(جمن چارڻ)
دوهو: هندي ۽ سنڌي نج ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هڪ اهم ۽ بنيادي صنف ‘دوهو ’ آهي، جنهن کي صدين جو پسمنظر آهي. اصل ۾ دوهو پراڪرت ۽ اپڀرنش دؤر جي هڪ مقبول صنف آهي، جنهن دؤر ۾ مقامي زبانون ۽ شاعري هڪ ارتقائي دور مان گذري رهيون هيون. دوهو اصل ۾ ٻن سٽن وارو بيت آهي، جنهن جو سٽاءُ مثنويءَ جي بيتن واري هيئت وارو آهي. پر مثنويءَ جا بيت گهڻو ڪري علم عروض جي وزنن تي آڌاريل هوندا آهن، پر دوهو، هندي ڇند يا پنگل جي ماترائن تي لکيو ويندو آهي.
پـنگـل يا ڇـنـد، قـديـم هــنـدي شـاعـريءَ جـو وزنـي نـظـام (Prosodic system) آهي. عالمن ۽ مها ڪوين مختلف ڇندن کي ڌار ڌار نالا ڏنا آهن، جن مان ‘دوها ڇند’ بيهڪ، سٽاءُ ۽ ماترائن جي خيال کان نهايت اهم آهي. ‘دوهو ’ ، ‘دوها ڇند’ ۾ ئي لکيو ويندو آهي. دوهو ٻن سٽن جو شعر آهي، جنهن ۾ ٻنهي سٽن جي آخر ۾ تُڪون/ قافيا ايندا آهن.الف- ب جا اکر سُرن (vowels) يعني حرف علت ۽ حرف صحيح (Consonants) تي مشتمل ٿيندا آهن، جيڪي ملي لفظ جوڙيندا آهن. شاعريءَ ۾ لفظن (شبدن) جا ‘پَدَ’ (چرڻ) ٿيندا آهن، جيڪي ننڍن ۽ ڊگهن آوازن يا اُچارن تي ٻَڌل هوندا آهن. ڊگهي آوزا لاءِ ٻٽي ماترا يعني ٻه ماترائون ٿينديون آهن، جنهن کي ‘گرو ماترا’ چوندا آهن ۽ ننڍي آواز لاءِ هڪ ماترا ٿيندي آهي، جنهن کي ‘لگهو ماترا’ چوندا آهن. دوهي جي هر سٽ ۾ ٻه چرڻ (پد يا مصرعا) ٿيندا آهن، جن جي اُچارڻ ۾ جيڪا ويرم يا ساهي لڳندي آهي، اُن کي ‘وسرام/ بسرام’ يا ‘يت’ چيو ويندو آهي. دوهي جي پهرئين ۽ ٽئين چرڻن ۾ 13، 13 ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ 11، 11 ماترائون ٿينديون آهن، يعني دوهي جي هر سٽ 24، 24 ماترائن جي ٿيندي آهي ۽ هڪ دوهي جون ڪل ماترائون 48 ٿينديون آهن.
دوهي بابت هوتچند مولچند گربخشاڻي لکي ٿو ته “دوهي جي لفظي معنيٰ آهي ‘ٻيڻو’، يعني ‘مثنوي’. هر هڪ دوهي ۾ ٻه ٻه مصراعون هئڻ گهرجن، جن جي پڇاڙيءَ ۾ ساڳيو قافيو هئڻ گهرجي. هڪ هڪ مصرع ۾ ٻه پَد هئڻ گهرجن. انهن چئن پدن مان پهرئين ۽ ٽئين پد ۾ تيرنهن ماترائون هئڻ ضروري آهن، ۽ باقي ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ يارهن يارهن ماترائون. دوهي جي ڪل 48 ماترائن مان گهٽ ۾ گهٽ 4 ضرور ڇوٽيون هئڻ گهرجن. باقي 44 ماترائون ڊگهيون هجن يا ڇوٽيون، ته حرڪت نه آهي. ماترائن جي جدا جدا تقسيم موجب، دوهي جا ڪيترائي قسم ٺهي سگهن ٿا.”
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جن 4 ماترائن لاءِ ڇوٽيون هجڻ جو شرط لاڳو ڪري ٿو، اهي 4 ماترائون دوهي، سورٺي يا بيت جي پدن ۾ موجود هر 11هين ماترا مراد آهي.
دوهي، سورٺي يا بيت جي ماترڪ ڇند وديائي جوڙجڪ کي علم عروض موجب آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو، جنهن موجب دوهي جو سٽاءُ هن ريت بيهندو:
فعلن فعلن فاعلن، فعلن فعلن فاع
13 11
مٿينءَ هڪ سٽ ۾ 24 ماترائون آهن ۽ منجهس هر 11هين ماترا، پوءِ اها 13 واري پد ۾ هجي يا 11 ماترائن واري پد ۾، اڪيلي بيهي ٿي. جيئن ‘فاعلن’ ۾ ‘ع’ واري 11هين ماترا اڪيلي آهي. ائين ئي ‘فاع’ ۾ پڻ ‘ع’ 11هين ماترا اڪيلي آهي.
مشهور شاعر الياس عشقيءَ، پنهنجي ڪتاب ‘دوها هزاريءَ’ ۾ ‘دوها ڇند ڪلا’ هيٺ، دوهن جي روپ ۾ دوهي جي وصف هيٺينءَ ريت بيان ڪئي آهي:
یاد رکھے کوئی اگر، اتنی بات سلیس،
'چارنوں چرنوں' میں رہیں، 'ماترے اڑتالیس'

'تیرہ گیارہ ماترے'، دونوں دٰلوں میں جان،
یہی ہے 'دوہا چھند' کی، 'پنگل' میں پہچان۔
'گرُو'، 'لگھو' مل جائیں تو، ٹھیک ہو دوہا چال،
'یتی' رہے اپنی جگہ، تو دوہا بنے کمال۔
دوهي جو خاڪو يا سٽاءُ هن ريت آهي:
13 ، + 11 ، = 24 ماترائون
13 ، + 11 ، = 24 ماترائون
دوهي جي تقطيع (analysis) هيٺئين نموني ٿيندي:
آ ئي تُنهنجي يا د جي، اِئن گذ ريءَ ۾ گونجَ، = 24 ماترائون
2 2 2 2 2 1 2 ، 2 2 2 2 2 1
آ کيــري مان جئن وڃـي، اُڏ ري ڪا ئي ڪونج، = 24 ماترائون
2 2 2 2 2 1 2 ، 2 2 2 2 2 1
مٿي شيخ اياز جي دوهي جي تقطيع ڏني وئي آهي، دوهي جو هڪ ٻيو مثال به ڏجي ٿو:
پهتو من ۾ پارَ کان، جئن ڇوليءَ جو ڇوهُه،
ويجهي آئي جو ڪنڌي، ماٺو ٿي ويو موهُه.
(اياز)
دوهي جا هندي شاعريءَ ۾ ڪيترائي قسم آهن، جن مان مکيه هيٺيان آهن: وڏو دوهو (بڙا دوها)، تونبيري دوهو، کرو دوهو، پنج کُڻيو دوهو وغيره. هنن دوهن ۾ چرڻن (پدن) جي تبديل ۽ ماترائن جي گهٽ وڌائي ٿئي ٿي.
هندي ۽ سنسڪرت شاعريءَ جي دوهن وانگر قديم سنڌي شاعريءَ ۾ به اسان کي دوها ملن ٿا. شيخ حماد جمالي (1378ع) جو هيٺيون بيت، دوهي جي سٽاءَ ۾ آهي:
جـوڻــو مـت اوڻــو، آءُ تمـاچــي آءُ،
سٻاجهي ٻاجهه پئـي، تـو سيـن ٺٽو راءُ.
شيخ حماد کان پوءِ قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري، ميين شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف، سچل سرمست وٽ ڪجهه دوها ملن ٿا، جن ۾ ماترائن جي معمولي گهٽ وڌائي آهي، پر انهن دوهن کي دوهن بدران بيت، ڏوهيڙو ۽ دوهڙو چيو ويندو آهي.
مثال طور (قديم دوها):
جي سالورو سُڌ لهي، ڪَنولان سندي ڪاءِ،
ته پيوءِ پاتال ۾، هُوند نه مِٽي کاءِ!
(قاضي قادن)
هنيون ڏجي حبيبَ کي، لڱّ گڏجن لوڪَ،
کُڏيون ۽ کَروتون، ايءُ پڻ سڳر ٿوڪَ.
(شاهه ڪريم)
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري،
هُن پَن پنهنجا ساريا، هوءَ هنجون هڏن لئه هاري.
(شاهه)
اهڙيءَ ريت موجوده دؤر ۾ هن قديم صنف کي جديد دؤر جي شاعرن تمام گهڻو مقبول بڻايو آهي، جن ۾: شيخ اياز، نارائڻ شيام، هري دلگير، تنوير عباسيءَ، امداد حسينيءَ، استاد بخاريءَ، راشد مورائيءَ، مـيـر مـحـمـد پيـرزادي، تاج جـويـي، ادل سـومري، ايـاز گل، وسيم سومري، نصير مرزا، آسي زمينيءَ، علي آڪاش ۽ ٻين اڪثر شاعرن دوهي تي طبع آزمائي ڪري، هن صنف کي مقبول ڪيو آهي، پر سنڌيءَ ۾ اڪثر دوها 13 + 11 ماترائن جي ترتيب کان سواءِ 13 + 10 ۽ 16+ 11 ماترائن واري ترتيب سان به ملن ٿا. ڪجهه مثال جديد دوهن جا هيٺ ڏجن ٿا:
پـٿـر ڪـرنـدي ڍنـڍ ۾، جيئن ٿـيـو آواز،
ڀـر تي بيٺل وڻ منجهان، پکـيءَ ڪـيـو پـرواز.
(13+ 11 ماترائن واري ترتيب تي نارائڻ شيام جو دوهو)
مـٺـڙا مـٺـڙا مـاڻهـو تـن جـا، پيـارا پيـارا نانوَ،
آيا ڇايا منهنجي من تي، جئن ڪڪريءَ جي ڇانوَ.
(16 + 11 ماترائن واري سٽاءَ تي شيخ اياز جو دوهو)
مسلسل دوها: قديم زماني ۾ سرائڪيءَ ۾ جيئن ته فقط ‘دوها’ جو فني سٽاءُ مروج هو، تنهنڪري لڳاتار مضمون بيان ڪرڻ لاءِ ‘مسلسل دوها’ چيا ويا هئا، جن جو فني سٽاءُ ته الڳ الڳ دوهي وارو هو، پر مضمون جي لحاظ کان تسلسل رکبو هو. سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙا تمام گهٽ نمونا ملن ٿا، پر سچل سرمست جي رسالي ۾ ‘دوها’ عنوان سان هڪ تجربو ملي ٿو. ڪنهن خاص مضمون کي سمجهائڻ/ بيان ڪرڻ لاءِ مسلسل دوها به ڏنا ويا آهن. ڪجهه دوها مثال طور پيش ڪجن ٿا:
ڪنز قدوري قافيه، ڪي ڪين پڙهيوم،
سو پار ئي ڪو ٻيو، جتان پرين لڌوم.
(قاضي قادن)
گيتن جي ماڙيءَ منجهان، تڪي تڪي هينئن ڪير؟
لئيءَ جي ڏاڪڻ تان لهي، رکندو هڪ هڪ پير!
(نارائڻ شيام)
سورٺو: دوهي جيان سورٺو به ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جي ‘ٻه سِٽي’ صنف آهي. دوهي جي پدن کي ڦيرائي ابتو رکبو ته سورٺو ٿي پوندو، يعني هن ۾ به ٻه سٽون ٿين ۽ هر سٽ ۾ ٻه پد ٿين. قافيو هر سٽ جي وچ تي اچي ٿو. يعني پهريون ۽ ٽيون پد پاڻ ۾ هم قافيه ٿين. پهرئين ۽ ٽئين پد ۾ 11 ۽ ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ 13 ماترائون ٿين ٿيون. اهڙيءَ ريت ٻيو ۽ چوٿون پد/ تڪ قافيي جي پابنديءَ کان آجا ٿين ٿا. سورٺو، بنيادي طور هندي ۽ سنڌي صنف آهي، ۽ اسانجي ٻولي به هنديءَ وانگر سريلي آهي، ان ڪري ڇند وديا تحت ئي سورٺا سٽيا ويندا آهن. وزن جي لحاظ کان دوهي ۽ سورٺي ۾ فرق فقط پدن/ چرن جي ترتيب جو آهي. سورٺي جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:
نهائينءَ کان نينهن، سِک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
(شاهه لطيف)
جوڳيءَ جا ڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،
تهان پوءِ ٿيوس، پريان سندي پيچري.
(قاضي قادن)
سورٺو اسان جي قديم شاعريءَ کان وٺي، اڄ تائين مروج شاعريءَ جي اهم صنف شمار ٿئي ٿو. ماموئي فقيرن جي ستن بيتن ۽ ‘ڀاڳو ڀان’ جي شاعريءَ کان اهو سلسلو هيل تائين هلندو اچي. ان دوران ئي دوهي ۽ سورٺي جي ميلاپ سان سنڌي بيت وجود ۾ آيو. سورٺي تي سنڌ جي قديم توڙي جديد شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪئي وئي آهي.
بيت: عربي لفظ بيت جي معنيٰ آهي ’گهر‘. ان حوالي سان شعر جي زمين آهي مضمون، شعر جي ڇت قافيو، نوڙي، ميخ ۽ ٿنڀ بيت جا ارڪان آهن. ان نسبت سان ئي مٿس اهو نالو پيل نظر اچي ٿو. جيئن دوهو ۽ سورٺو گهڻي قدر هندي ڪلاسيڪل شاعريءَ جون مقبول صنفون آهن، ائين بيت اسان جي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي نج ۽ اهم صنف آهي، جيڪا دوهي ۽ سورٺي جي سنگم مان سرجيل معلوم ٿئي ٿي. سومرن جي دؤر کان به اڳ ڳاهه جي ذريعي سنڌي بيت اسريو ۽ اڀريو ۽ ڳاهن کان الڳ ٿي، جدا صورت وٺي بيٺو، ۽ معنوي لحاظ کان اهو مڪمل مضمون پنهنجي اندر رکڻ لڳو. سنڌي بيت پهرين واقعاتي نوعيت جا ملن ٿا، جن ۾ ڪي واقعا بيان ٿيل آهن يا واقعن سان وابسته آهن. فني سٽاءَ جي لحاظ کان سنڌي بيت شروع ۾ ٻن سٽن جو ملي ٿو، پر جلد ئي پوءِ ٽن سٽن جو ملڻ لڳو ۽ آهستي آهستي مختلف دؤرن ۾ سندس ڪينواس اڃا به وسيع ٿيندو ويو، ۽ پوءِ واري ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ طويل بيت جا ڪيترائي مثال موجود آهن. بيت جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:
نه سي تڙ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جون،
اديون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
مـاريــنـدم فـراق، پـاڙيـچيـئون پـريـنءَ جـا.
(شاهه لطيف)
تـري تـون به ته آءُ، ڪڏهن منهنجي پار ڏي،
سـدا مـون کي سيـر جـو، ڏنئـي ڇـو سـوداءُ،
مـيـهـر مـحـب مـلاءُ، تـو کـي ڇڪـي ڇـو نٿـو.
(شيخ اياز)
علم عروض ۾ مثال:
جر ۾ ڦوٽو جيئن، لهريون لڳندي اڌ ٿئي،
تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.
(شاهه: سُر سريراڳ)
عروضي تقطيع:
جر ۾ ڦوٽو جيئن، لهريون لڳندي اڌ ٿئي،
فعلن فعلن فاع، فعلن فعلن فاعلن
(11 ماترائون هڪ پد ۽ 13 ماترائون ٻيو پد: ٻن پدن جي ماترائن جو جوڙ 24 آهي.)
تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.
فعلن فعلن فاع، فعلن فعلن فاعلن
(11 ماترائون ٽيون پد، 13 ماترائون، چوٿون پد: ٽين ۽ چوٿين پد جي ماترائن جو جوڙ 24 آهي.
ڪل ٻن سٽن جي بيت جي چئن پدن جي ماترائن جو جوڙ 48 ماترائون آهي. اهڙيءَ طرح بيت جي هڪ سٽ (2 پد) ۾ 24 ماترائون ۽ ٻي سٽ (2 پد) ۾ به 24 ماترائون، ٽوٽل 2 سٽن واري بيت جي 4 پدن جون ماترائون ٿينديون 48، پر ياد رهي ته بيت جي هر 11 ماترا ڇڙي/ اڪيلي ٿيندي، پوءِ اها 11 واري پد ‘فاع’ ۾ هجي يا 13 واري پد ‘فاعلن’ ۾ هجي.
ياد رهي ته اهو گهاڙيٽو سورٺي جو آهي، پر اهو اصول دوهي توڙي بيت تي به لاڳو ٿئي ٿو.
سلوڪ/ اشلوڪ: اشلوڪ پراڪرت لفظ ‘سلوگ’ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ‘گڏ ڪرڻ’ يا ‘وڌڻ’. سنسڪرت ۾ اشلوڪ پڻ چيو ويندو آهي، سلوڪ جي معنيٰ يا مفهوم مجموعي طور شبد، آواز، ٻول، ڀڄن ۽ پڪار آهي. سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي ٽمورتيءَ ۾ شاهه ۽ سچل کانپوءِ ٽئين نمبر تي شاعر، ڀائي چين راءِ سامي پنهنجي بيتن کي سلوڪ سڏيو آهي. سلوڪ فني حوالي سان ڇندوديا تي آڌاريل آهي ۽ سٽاءُ بيت جـهـڙو ئي آهي، پر سلوڪ نالو ان تي ان جي فڪري ۽ موضوعاتي انفراديت جي ڪري پيو. ساميءَ جي سلوڪن ۾ آتم گيان جي اپٽار ڪيل آهي. سندس سلوڪن ۾ ويدانيت جي سکيا سڌي ۽ سادي نموني ڏنل آهي. پنهنجو مقصد اشارن، ڪناين ۽ تمثيلي انداز ۾ نه پر سڌو سنئون سمجهائي ٿو، البت تشبيهون ۽ استعارا ڪم آڻي ٿو. سندس سلوڪن ۾ سنڌيءَ سان گڏ سنسڪرت لفظ عام جام استعمال ٿيل ملن ٿا. ساميءَ سميت ٻين هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ سنڌي شاعرن سيٺ نهال چند، وشنداس، اوڌو داس ۽ ٻين به سلوڪ لکيا آهن. انهن کان سواءِ ڪجهه مسلمان صوفي شاعرن به ويدانتي پس منظر ۾ لکيو. سلوڪن ۾ بيت وانگر ئي قافيو گهڻو ڪري پوئين سٽ جي وچ تي آندو ويو آهي. ان سان گڏ سلوڪ جي پهرين سٽ ۾ به اڪثر وچ تي قافيو آندو ويو آهي. مضمون جي لحاظ کان ان ۾ ويدانيت جا ويچار آندل هوندا آهن.
مثال:
مايا ڀلائي، وڌو جي ڀرم ۾،
سامي ڏسي ڪين ڪو، منهن مڙهيءَ پائي،
ستگر جاڳائي، جاڳي جُڙي پاڻ سين.
(سامي)
ڪبت: طوالت جي مفهوم جي ڪري، سنڌي محاوري موجب ڪبتون ڪرڻ معنيٰ ‘ڳالهيون ڪرڻ’ ڪبت سنسڪرت لفظ ‘ڪَوَ’ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ شاعري آهي. سومرن جي دؤر ۾ اسماعيلي مبلغن پنهنجي مذهبي سکيا کي سولو بنائڻ لاءِ بيت جي سٽاءَ کان ڪم ورتو. سنڌي عالمن مذهبي تعليم کي سولو بنائڻ لاءِ سنڌي بيت جي هڪ آسان نموني ‘طويل بيت/ڪبت’ کي استعمال ڪري، ڪيترائي مڪمل ۽ مفصل ڪتاب لکيا. اهي بيت جن ۾ مصرعن جي تعداد جي پابندي ڪانهي، انهن ۾ ويهن پنجويهن کان مٿي مصرع به ٿين ٿيون. اهڙن بيتن کي محقق ڪبت سڏين ٿا. انهن ۾ قافيو سڀني سٽن جي آخر ۾ ايندو آهي. سٽن جي گهڻي تعداد جي ڪري ڪبت ۾ تصوف جا ڪي خاص مسئلا ۽ مذهبي ڳالهيون تفصيل سان سمجهايون وينديون آهن. ڪبت جي سٽن جو وزن ڪن حالتن ۾ دوهي جي سٽن جي وزن وارو هوندو آهي، يعني هر مصرع ۾ 24 ماترائون هونديون آهن. ڪڏهن وري ان کان گهٽ 21 ماترائون هونديون آهن.
پهرين منزل:
پهرين منزل تن جي، گهاتي درد چون،
بانڪا بي پرواهه ٿي، وڏي هيج هلن،
جت حاجت نانهه هلڻ جي، سر ڀر ات رڙهن،
تنگ تاريڪي جاءِ جي، ڏسي ڪين ڀلن،
ٻولي ٻولين ڪين ڪي، توڙي سور سهن،
اندر اورن پاڻ سان، ٻاهر ڪين سلن،
سختيون ڏونگر جون ڏسي، طالب نا ترسن،
همت ساڻ مراد چئي، چاڙها سخت چڙهن،
موجون محّبت جون، ماڻيو ٿا ماڻن.
(مراد فقير)
وائي: وائيءَ لفظ جي باري ۾ جيڪي روايتون ملن ٿيون، انهن مطابق اهو هندي لفظ واڻي يا ٻاڻيءَ سان ملي ٿو، يا ڪي چون ٿا ته پراڪرت لفظ ‘وايا’، يا سنسڪرت جي لفظ ‘ورت’ يا عربي لفظ ‘واءِ’ مان ورتو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ‘ڳالهه ٻولهه’، جيئن سنڌيءَ ۾ چيو ويندو آهي ته: ‘چڱي وائي ڪر’. وائيءَ جي پهرئين بند کي ‘ٿلهه’ چئبو آهي ۽ باقي سٽون الڳ الڳ ٿين ٿيون، جن جو قافيو آخر ۾ اچي ٿو. بناوت جي لحاظ کان وائي هيڪوڻي، ڏيڍوڻي ۽ ٻيڻي پڻ ٿيندي آهي، جنهن جو وزن ‘ڇند وديا’ تي رکيل هوندو آهي.
وائيءَ جي قدامت متعلق تاريخ ۾ مختلف رايا ملن ٿا. مير عبدالحسين سانگيءَ جي چوڻ مطابق ‘شاهه لطيف’ وٽ جيڪي ٻه هندستاني گويا ‘چنچل’ ۽ ‘اٽل’ آيا ۽ شاهه جي ڪلام کي ترتيب ڏئي سُرن ۽ داستانن ۾ ورهايو، انهن ئي ‘واڻي’ نالو رکيو هجي، جو پوءِ ڦري ‘وائي’ ٿي ويو هجي. پر ڪجهه محققن جي راءِ آهي ته ائين ڪونهي، اهو خالص سنڌي لفظ آهي، جيڪو اڄ تائين مروج آهي.
مخدوم محمد زمان طالب المولى جي چوڻ مطابق “وائي، بيت، مدح يا سنڌي قصيدن مان ٺهي آهي، ڇو ته انهن ٽنهي صنفن جو گهاڙيٽو ساڳيو آهي، جيڪڏهن اهو بيت، جنهن جي پهرئين سٽ ا‎ڌواڌ ٿي ٿئي ۽ باقي منجهس ٻن سٽن کان گهڻيون سٽون آهن، ان جي پڇاڙيءَ واري سٽ جو پويون اڌ پهرئين ۽ پهريون اڌ پوءِ کڻي ڪجي، ته وائيءَ واري شڪل ٿي پوندس.”
محققن جو خيال آهي ته شاهه عنات رضويءَ کان اڳ سنڌي وائيءَ جو ڪو به محفوظ ٿيل نمونو نه مليو آهي، ان ڪري ڪن محققن کيس وائيءَ جو ‘مؤجد’ پڻ لکيو آهي. وائيءَ ۾ بندن جو تعداد مقرر نه ٿو ٿئي. گهٽ ۾ گهٽ ٻن کان ويهن بندن تائين جون وايون ملن ٿيون. وائي هندي ڇند جي 18 وزنن تي لکي ويندي هئي، پر ڪن جديد شاعرن ان کي علم عروض جي وزنن تي به لکيو.
مولانا غلام محمد گراميءَ جي خيال مطابق “وائي جو تعلق
‘واءِ- واءِ’ يعني ‘هاءِ- هاءِ’ سان آهي. واءِ- واءِ ڪرڻ محاورو آهي، يعني: دانهون ڪرڻ، پٽڻ، روئڻ، مطلب ‘ڏک جو آواز’.” هن صنف ۾ وراڻيءَ واري سٽ جو زوردار هئڻ، هن صنف جو ٽيڪنيڪل راز آهي، ڇو جو ورجاءَ واري سٽ بار بار اچي مرڪزي خيال کي وڌيڪ اثرائتو ٿي بنائي.
وائيءَ کي مقبول بنائڻ ۾ ڀٽائيءَ ۽ ميين شاهه عنات سميت، تقريباً ڪلاسيڪل شاعرن ۽ جديد شاعرن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وائيءَ جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
کڻيو پير پُنهل جا، رَتُ وهايو مون رائي،
هئي هئي رت رنو رائي،
هــوت مَ ڇــڏج هـيڪلـي، هـيءَ لـڙهه لڳي،
تنـهنجي آهي،
اُتي عبداللطيف چئي، منهنجو آري وسيلو آهي!
(شاهه لطيف)
ڪافي: ڪافيءَ جي قدامت جي حوالي سان ادبي تاريخ ۾ مختلف رايا ملن ٿا. ڪن مطابق وائيءَ جو تخليق ٿيڻ ئي ‘ڪافيءَ’ جو بنياد بڻيو ۽ ان جو فني سٽاءُ وائيءَ کان متاثر آهي. ڪن هن جا اهڃاڻ آڳاٽي لوڪ ادب ۾ به ٻڌايا آهن ۽ حاجي جانڻ کي ان جو اوائلي شاعر ڄاڻايو ويو آهي. شيخ اياز مطابق “ڪافي پهريائين شاهه حسين پنجابيءَ ۾ چئي، بعد ۾ نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد سنڌيءَ ۾ چئي.”
غلام محمد گراميءَ جي چوڻ مطابق “تاريخي طور، ڪافيءَ جو وجود شاهه لطيف کان ٻه صديون اڳ معلوم ٿئي ٿو. ان سلسلي ۾ هڪ بزرگ لاڏجيو برهانپوري آهي ۽ ٻيو مير محمد فاضل بکري آهي. بزرگ لاڏجيو شاهه لطيف کان ڏيڍ صدي اڳ، همايون جي سنڌ ۾ آمد وقت، پاٽ مان لڏي برهانپور پهتو. سندس ڪافيون نهايت سوز سان، صاحبِ دل ماڻهن جي مجلسن ۾ ٻڌيون وينديون هيون.”
ڪافيءَ کي ڪتاب ‘برهانپور ڪي سنڌي اولياءَ’ جو م‍ؤلف مطيع الله راشد ‘سنڌ جو مقبول راڳ’ سڏي ٿو.
مخدوم طالب المولى جي چوڻ مطابق “قافيه مان قافي ۽ تنهن مان وري ڪافي نالو پيو.” ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي چوڻ مطابق “سنڌي نظم جي تاريخ ۾ قافي (جنهن کي غلطيءَ مان ڪافي ڪري لکجي ٿو) قدامت جي لحاظ کان ‘ڳاهه’ کان پوءِ ٻئي درجي تي آهي. ‘قافي’ عربي قافيا/ قصيدو نظم جو سؤلو سنڌي نالو آهي.” جڏهن ته سندس ان خيال سان اڪثر عالم اختلاف رکن ٿا. فني سٽاءَ جي حساب سان هيڪوڻي، ڏيڍوڻي ۽ ٽيڻي ڪافي، ڪافيءَ جا فني مثال آهن:
ياد ڪر تان ياد ٿيئن، لائي نوان نت نينهڙا،
ريءَ يادگيريءَ يار جي، ڪوٿرا ڪٽڻ ٿي ڏينهڙا.
جي وساريندين ته وسري تون به ويندين ويسلا،
فاذ ڪروني في الحقيقت، سڻج هي سنيهڙا.
هٿ وٺي هنج هوت جو، پيرين متان پنڌڙو ڪرين،
ورهه واري واٽ تي، سهينس سوين سَڀ شينهڙا.
کڻ اکيون ڪري پير رڙهه، رڙهڻ ۾ راحت اٿئي،
ڏئي جان کي جفائون، ڏورج پرين جا ڏيهڙا.
ٻول ٻاروچل ڪيا، پاڙيندو پاڻهي پٻ ڌڻي،
وندر ۾ وسندا وري، مصري محبت جا مينهڙا. (مصري شاهه)
الف اشباع وارا نظم: الف اشباع وارو قافيو پهريون دفعو، سمن جي دؤر ۾ 1486ع ۾ پير مراد شيرازي ٺٽويءَ جي چيل دعائيه فقري، ‘او ڀائي الله ڏئي وڏي ڄمارا’ ۾ ملي ٿو. هن نظم ۾ سٽ جي پويان الف ملائي قافيو بنايو ويندو آهي. اهڙو مڪمل نظم سڀ کان پهرين پير محمد لکويءَ جو ملي ٿو، ان کان پوءِ مخدوم ابو الحسن ان ۾ مڪمل مذهبي ڪتاب 1700ع ۾ ‘مقدمه الصلوات’ لکي، سنڌي ادب ۾ وڏو واڌارو آندو. ان کانپوءِ ‘فرائض اسلام’، ‘قوت العاشقين’ ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا سؤ کن ڪتاب، مخدوم عبدالله نرئي واري، مخدوم عبدالخالق، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽيءَ جا ڪتاب، محمد شريف راڻيپوريءَ جو الف اشباع واري نظم ۾ ڪتاب ‘محمد شريف جي سنڌي 1747ع’ اهم ڪتاب آهن. فقير عبدالرحيم گرهوڙيءَ هن قسم جي نظم ۾، قرآن مجيد جي ڪن سورتن جو ترجمو ۽ تفسير به لکيو، ‘حقيقت محمدي’ نهايت وضاحت ۽ فلسفيانه نوع ۾ سمجهايائين. مخدوم غلام محمد بگائيءَ هن نموني جي نظم ۾ مداحون، مناجاتون، معجزا، منقبت ۽ مـرثـيـه به چيا آهن. ان کان سـواءِ سـيد خـيـر شـاهه، پيـر محمد اشـرف ۽
فقير ولي محمد پڻ ان قسم جا شعر چيا. ڪن ڏاهن جو چوڻ آهي ته هي نظم نه آهي، پر قديم نثر جو هڪ نمونو آهي. اصل ۾ هن ۾ انيڪ اهڙا ته سهڻا بيت/ شعر ملن ٿا، جن ۾ شعريت جا جذبا/ احساس به هوندا آهن ۽ انهن کي هڪ خاص لئي سان جهونگاري پڻ سگهجي ٿو، جنهن جو مدار ماترائن جي هڪ الحان تي هوندو آهي، جنهن ۾ هڪ لفظ جي وڌجڻ ۽ گهٽجڻ جي به گنجائش نه ٿي رهي. مثال:
ميڙو ڪري مخدوم تي اچانڪ آيا،
جابر جي جاگير تي ڪاهي ڪل پيا،
ماري مومن جي ڦري مال متاعا،
ضدر، ظلم، زيادتون تن ڪهڙا چوان ڪيا؟
(مخدوم غلام محمد بگائي)
جهولڻو: ڏکڻ هندستان جي ‘تامل’ ٻوليءَ جي شاعريءَ جي هڪ صنف ‘اوشل’، جنهن جي معنيٰ آهي ‘جهولڻو’. هن صنف جو تعلق تامل ٻوليءَ واري علائقي جي رهڻي ڪهڻيءَ سان آهي. اتي سڀني ذاتين ۾ رواج آهي ته شادي، رات جو نه، پر ڏينهن جو ٿيندي آهي. اتي هڪ جهولي جو بندوبست ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار لڏندا آهن. ان موقعي تي جيڪي گيت ڳايا ويندا آهن، انهن کي ‘اوشل’ چيو ويندو آهي. دکن جي صوفي شاعرن ان رسم مان فائدو وٺي. تنهن دؤر جي اردوءَ ۾ انهيءَ قسم جا گيت لکڻ شروع ڪيا، ۽ انهن نظمن کي هنن پنهنجي ٻوليءَ جي لحاظ کان ‘جهولڻو’ سڏيو. دکن جو پهريون جهولڻو چوندڙ شاعر شاهه علي جيو گامڌني هو. پاڪستان واري خطي ۾ سڀ کان پهرين پنجاب جي قادري بزرگ حضرت نوشه گنج بخش جا جهولڻا ملن ٿا. اتر هندستان جي اردو شاعرن ۾ هن صنف جو رواج اڻويهين صدي عيسويءَ تائين نظر اچي ٿو. ان زماني جي ڪن داستانن ۾ به جهولڻا نقل ڪيا ويا آهن. حضرت سچل سرمست ۽ روحل فقير دکني شاعري ۽ ان وقت سنڌ ۾ مروج هندي/ اردو شاعريءَ مان هن صنف کي سنڌيءَ ۾ پنهنجي انداز سان آندو. سچل جي جهولڻي بيتن ۽ جهولڻو ڪافين ۾ وڇوڙي جا ورلاپ ملن ٿا، ۽ پرينءَ تائين پهچڻ جي تانگهه ۽ طلب ڏيکاريل آهي. سچل سرمست جي ڪلام کان سواءِ روحل فقير جي هندي ۽ سرائڪي جهولڻي ۽ سچل جي سنڌي جهولڻي ۾ فرق آهي. روحل جي جهولڻي ۾ اڪثر چار سٽون ٿين ٿيون ۽ هر سٽ جو وزن عام بيت کان وڏو ٿئي ٿو. سچل سرمست جي جهولڻي جو هر بند، گهڻو ڪري اٺن سِٽن جو ٿئي ٿو ۽ نائين سٽ وراڻيءَ جي اچي ٿي.
سچل سرمست جي هن بيت کي نه باقاعده بيت چئي سگهجي ٿو نه ڪافي، ڇاڪاڻ جو جهولڻو ڪافيون الڳ سچل جي ڪلام ۾ ملن ٿيون، جن جو سٽاءُ ڪافين جهڙو آهي، پر ڪن جهولڻي جي بندن جو سٽاءُ بيتن جهڙو آهي. بيتن يا بندن کي عروضي نظم جيان وراڻيءَ ذريعي ملايو ويو آهي. بهرحال هيءَ هڪ الڳ ٿلڳ صنف آهي، جيڪا سچل جو نئون فني تجربو چئي سگهجي ٿي، جيڪو عروضي نظم ۽ سنڌي بيت جي سٽاءَ کي نظر ۾ رکي جوڙيو ويو آهي. سچل سرمست جي رسالي ۾ ‘پنهون '>سسئي پنهون ’ بابت لڳاتار 50 جهولڻا آهن، جن ۾ اڪثر جهولڻا 7 کان 8 مصرعن/ سِٽن جا، پر هڪ ڏهن ۽ هڪ نوَن مصرعن جو جهولڻو پڻ موجود آهي. هنن جهولڻن جون سموريون سٽون پاڻ ۾ هم وزن به آهن، سواءِ پهرين سٽ جي، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي سچل سرمست ‘چي ڙي’ لفظ استعمال ڪيو آهي، جيڪو وزن کان وڌيڪ هجي ٿو. هر بند جون سٽون پاڻ ۾ هم قافيه به هجن ٿيون، سواءِ وراڻيءَ جي جيڪي (پنجاهه ئي جهولڻ جون) پاڻ ۾ هم قافيه آهن.
گهڙولي: گهڙولي صنف جو مؤجد حضرت سچل سرمست آهي. هن قسم جو نمونو سندس ڪلام ۾ موجود آهي. هن صنف ‘گهڙولي’ ۾ هر بند کان پوءِ وراڻي ايندي آهي، جنهن ۾ ‘گهڙولي ڀرڻ ٿي وڃان’ لفظ هوندا آهن. مثال:
هڪ الله ڪنون مين ڊردِي، هڪ مولا ڪنون مين ڊردِي،
ماهي يار دي گهڙولي ڀردي.
پير پيران حضرت ميران، نام ڳڌي جنهن ٽٽيان زنجيران،
مين مرشد ڪامل ڪردي.
حسن حسين علي دا ڄايا، بارا مت دا سر تي آيا،
مين ٻانهي شاهه حيدر دي.
شهر آشوب: اهو نظم، جنهن ۾ زماني جي افرا تفري، ملڪ ۽ شهر جي بربادي، ويراني ۽ تباهيءَ جو ۽ ملڪ جي ماڻهن جي مصيبت جو حال درج ٿيل هجي، ته ان شعر کي شهرِ آشوب چئبو آهي. شهرِ آشوب طويل نظم جي انداز ۾ هوندو آهي، جنهن ۾ سري کان وٺي آخر تائين ڪنهن واقعي جو تفصيلي بيان هوندو آهي، ۽ ان سان گڏوگڏ اهي ڪيفيتون به ڀرپور نموني موجود هونديون آهن، جيڪي ان واقعي جي رد عمل ۾ جنم وٺن ٿيون. ان تباهي ۽ برباديءَ سان لاڳاپيل ڏک يا ٻيا انيڪ انساني جذبا هن شاعريءَ جي پختي تاثر ۾ اضافي ۽ پر اثر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. محمد ابراهيم خليل، سيد اظهر گيلاني ۽ امداد حسينيءَ جا نظم سنڌي ادب ۾ اهميت جا حامل آهن. ڊاڪٽر ابراهيم خليل جي نظم ‘ڪوئيٽا جو قهر’ مان هڪ ٽڪرو مثال طور پيش ڪجي ٿو:
ڪـوئيٽـا جــو زلـزلـو ڇـا هـو خـدائـي قهر هـو،
ٿـي ويـو اک ڇـنـڀ ۾ بـربـاد سـارو شـهـر هـو،
ڪانه هئي ڪنهن کي خبر، سڀ ننڊ ۾ غلطان هئا،
رات جو مدهوش پنهنجي گهر ۾ سڀ انسان ها،
ناز و نعمت سان هئا، جي خواب راحت ۾ ستل،
آيـو جـنهـن دم زلـزلــو، سـڀ وائـڙا حـيــران هـا.
هـزل: هـزل عروضي شاعريءَ جي اها صنف آهي، جنهن ۾ چرچي يا مسخريءَ جهڙا مضمون بيان ڪيل هجن. هزل جي لغوي معنيٰ آهي چرچو يا مسخري. لغوي ۽ اصطلاحي معنيٰ موجب اها شاعري، جنهن ۾ شاعر ڪنهن موضوع، ڳالهه، واقعي، منظر، شيءِ کي کڻي ان کي مزاحيه انداز ۾ بيان ڪري، ته ان کي هزل چئبو آهي.
مثال:
حور کي هر دم ڏسان ٿو هر طرف باندر سان گڏ،
ڪٿ گهمي ٿي ڳورپٽ سان ڪٿ ته آ ڏيڏر سان گڏ.
پڻ وڏيرا ۽ سرائي سر نواب و خان سڀ،
هنج ۾ حورن جي هوندا ريڊئي موٽر سان گڏ.
ديني احمد جي مٿان ليڊر فدا آهن ٿيا،
خلد ۾ هڪ هڪ ڄڻو ويندو هليو ووٽر سان گڏ.
(ضامن علي)
قصيدو: شاعريءَ جي اصطلاح ۾ قصيدي جي معنيٰ آهي، “اهڙو نظم، جنهن ۾ ڪنهن ممدوح جي مدح هجي”، پر قصيدي جا موضوع تمام وسيع آهن، جنهن ۾ ممدوح جي مدح کان سواءِ حسن و عشق، گردش دوران، بهار و گلزار، اخلاقيات و عرفانيات ۽ دعا جو بيان پڻ اچن ٿا. قصيدو گهٽ ۾ گهٽ پندرهن شعرن جو هجڻ گهرجي ۽ وڌيڪ شعرن لاءِ ڪا به حد مقرر ناهي ڪيل. گهڻي تعداد ۾ قصيده طويل هوندا آهن ۽ اڪثر قصيدن جا شعر سؤ کان مٿي به ٿيو وڃن. قصيدي جي پهرين شعر کي ‘مطلع’ ۽ اگر ٻيو به مطلع هوندو ته ان کي ‘مطلع ثاني’ چئبو آهي.
قصيدو عربي شاعريءَ کان ٻين ٻولين ۾ مروج ٿيو، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ به پنهنجي پنهنجي ماحول مطابق قصيده نگاري ٿي. قصيدو ٻن قسمن جو ٿئي ٿو:
(1) تمهيديه قصيدو
(2) خطابيه/ مجدديه قصيدو
قصيدي جا مضمون جدا جدا ٿي سگهن ٿا، مثال طور: الله جي حمد، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي نعت، حضرت امام علي عليه السلام ۽ حضرات محمد وآل محمد عليهم السلام جي شان ۾ منقبت، ڪنهن بادشاهه يا امير جي تعريف يا ڪنهن جي هجو يا شڪايت يا نصيحت يا ڪو ٻيو مضمون. قصيدو مضمون جي لحاظ کان مدحيه، هجويه، دعائيه، عشقيه، بهاريه، فخريه يا حاليه وغيره سڏبو آهي. شاعر جو تخلص يا نالو ضروري نه آهي ته آخري شعر مقطع ۾ اچي، پر ڪٿي به اچي سگهي ٿو. قصيدي جي سلسلي ۾ سنڌي شاعرن ۾ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي، مير حسن علي خان ٽالپر، ميرزا فتح عـلـي بيـگ، ميـرزا قـاسـم علـي بيـگ، ميـرزا ٻـڍل بيگ، آخـوند محمـد قاسم هالائي، غلام محمد شاهه گدائي، ميرزا دوست محمد بيگ، ميـر عـبدالحسيـن خـان سـانگـي، شمـس الدين بلبل، مـرزا قلـيـچ بيـگ، محمد هاشم مخلص، هدايت علي نجفي ۽ ٻيا ڪيترائي نامور قصيده نگار آهن.
فضل خدا سان آهه ٿيو اظهر اديب سنڌ،
رنگين نظم و نثر سان بهتر اديب سنڌ.
هر علم دوست لاءِ هي تحفو عجيب آهي،
گوهر شناس لاءِ آهه گوهر اديب سنڌ.
سنڌي سڌار مصلح علم و ادب به آهه،
علمِ عروض جو ٿيو ٽيچر اديب سنڌ.
تادير شل رهي هي سلامت ته سنڌ ۾،
احسن ٿئي وطن ۾ نشان بر اديب سنڌ. (احسن)
مسدس: مسدس جي لغوي معنيٰ ’ڇهه‘ آهي، اصطلاحي معنيٰ موجب مسدس نظم جو اهو قسم آهي، جنهن جي هر بند ۾ ڇهه سٽون ٿين ٿيون. اصول موجب مسدس جي پهرئين بند جون ڇهه ئي سٽون پاڻ ۾ هم قافيه ۽ هم وزن هونديون آهن، جنهن بعد هر بند جي آخري سٽ پهرئين بند سان هم قافيه هوندي آهي، پر هن جو ٻيو ۽ عام گهاڙيٽو اهو ملي ٿو، جنهن ۾ هر ڇهن سٽن جي بند ۾ پهريون چار سٽون پاڻ ۾ هم قافيه ۽ پويون ٻه سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن پر وزن ۾ اهي سڀ سٽون هم وزن هونديون آهن. سنڌيءَ ۾ ان گهاڙيٽي تي ئي مولوي الله بخش اٻوجهي، سيد ثابت علي شاهه ۽ ٻين مسدس لکيا آهن. سنڌيءَ ۾ سڀ کان پهريائين الله بخش اٻوجهي، ‘مسدس حالي’ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پيش ڪيو، جنهن کان پوءِ طبعزاد ‘مسدس اٻوجهو’ لکيائين. ان کانپوءِ ان دؤر جي ڪافي شاعرن ان تي طبع آزمائي ڪئي، جن ۾ نجفي، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، احسن، نظامي اهم آهن. مثال:
هي دنيا دو رنگي اٿئي خواب سارو،
سڄي عمر آهي گهڙيءَ جو گذارو.
نه ڪر دم قدم ساڻ وحدت وسارو،
اندر عشق وارو اڏج ڪو اُتارڻو،
نفع آهه دنيا جو سارو خسارو،
نفع ۽ خفي کان ٿي نانگا نيارو.
مثنوي: مثنوي عربي لفظ ‘مثنيه/مثنيٰ’ يا اثينن مان ورتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ‘ٻيڻو، ٻٽو يا جوڙو، ٻه گڏ’. مثنويءَ کي ‘مزدوج’ به چيو ويندو آهي. عروضي شاعريءَ جي هن صنف تي اهو نالو ان ڪري پيو، جو ان جو هر بند ٻن سٽن جو ٿيندو آهي، جيڪي ٻئي سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن، يعني هن جو هر بند پنهنجو جدا قافيو رکي ٿو. ائين مثنويءَ جو هر بند قافيي وارو هوندو آهي، ان ڪري ان تي اها پابندي نه هوندي آهي ته سڄو نظم هڪ قافيي تحت هلي، جيئن: غزل، قصيدي يا ٻين صنفن ۾ ضروري هوندو آهي، پر موضوع جي حوالي سان هر بند لڳاتار ۽ تسلسل رکندو آهي. مسلسل نظم جي هن صنف ۾ بندن جو ڪو به مقرر تعداد نه هوندو آهي. ان ڪري هن ۾ سون کان هزارن تائين بند هڪ مثنويءَ ۾ لکي سگهجن ٿا. مثنويءَ ۾ هر موضوع کي سمائي سگهجي ٿو.
هيءَ اصل ۾ ايراني صنف آهي، جنهن جو بانيڪار ‘شيخ فريد الدين عطار’ هو. ان کان پوءِ مولانا جلال الدين رومي هن صنف کي تمام وڏي اهميت ڏياري. واضح رهي ته عروضي فن جي استادن مثنويءَ جا به بحر مقرر ڪري ڇڏيا آهن. سنڌيءَ ۾ ‘جنگ ناما’ جهڙيون شيون، مثنويءَ جي صنف ۾ پهريائين متعارف ٿيون. سنڌ ۾ مثنويءَ جي شروعات فارسي دؤر کان ٿئي ٿي. سنڌيءَ ۾ گهڻن ئي شاعرن مثنويون چيون آهن. پهرين مثنوي ‘سڪندرنامه’ 1873ع ۾ لکي وئي. ٻي محمد واصل درس جي ‘گـلـزار واصـل’ 1299هه/ 1892ع ۾ لکـي وئـي. ان کان پوءِ ‘شـاهنامه سنڌ’ مير حسن علي خان ٽالپر لکي. ان کان پوءِ عبدالواحد سائل حيدرآبادي، حافظ محمد ابراهيم دل، مولوي غلام الله، محمد عاجز، غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي، غلام محمد نظاماڻي، گل محمد رند، واحد بخش مشتاق شڪارپوري، مير حسن علي خان حسن، غلام رسول جتوئي هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي. ڪن عالمن منظوم خطبا، مثنويءَ جي سٽاءَ ۾ لکيا. انهن کان سواءِ گدا، سيد فاضل شاهه، شمس الدين بلبل، بچل هيمون پوٽو ۽ مرزا قليچ بيگ به مثنويون لکيون آهن.
مثال:
اي خدا ڄاڻون تو بنا ڪو ڪونه،
اي خدا تو بنا مڃون ٻيو ڪو نه.
آهي تو کان سواءِ ڪو نه خدا،
تون ابد تون ازل آهين مولا،
ساري عالم جو تون آهين باني،
تون آهي باقي ٻيو سڀئي فاني.
اي خدا پاڪ آهي تنهنجي ذات،
ڪير سمجهي سگهي ڪو تنهنجي بات.
تون ئي معبود تون آهين مسجود،
آهين تون مدعا تون ئي مقصود.
(مرزا قليچ بيگ)
رباعي: رباعيءَ جو لفظ ‘ربع’ مان نڪتل آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ چار آهي يا ڪنهن شيءِ جي چوٿين پتي يا چوٿون حصو، ٻيءَ صورت ۾ چار حصا، چار پهلو يا چار جزا. اصطلاحي معنيٰ موجب رباعي چئن سٽن واري شعر کي چئبو آهي، جيڪو رباعيءَ جي مخصوص بحرن ۽ ان
مان نڪتل خاص ‘چوويهن’ وزنن مان ڪنهن تي به لکيل هجي. ان کي رباعي ان ڪري به چوندا آهن، جو بحر هزج، جنهن ۾ رباعي چئي وڃي ٿي، چئن جزن مان مرڪب ٿئي ٿو ۽ ان ڪري انهيءَ وزن جي هڪ مصرع عربيءَ ۾ ٻن جزن وارو هڪ شعر بنجي ٿو. ان حساب سان رباعيءَ جي چئن مصرعن ۾ ٻه شـعـر ٿين ٿا. رباعيءَ ۾ ٻه شـعـر، ٻه بيـت يا چـار مصرعون هئڻ ڪري هن صنف کي ‘دو بيتي’، ‘چار مصرعي’ ۽ ‘تـرانـه’ جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو هو. علم عروض ۾ رڳو اها ئي هڪ صنف اهڙي آهي، جنهن جو وزن متعين يا مقرر ٿيل آهي. رباعيءَ جون پهريون ٻه سٽون ۽ آخري چوٿين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه ۽ هم رديف هونديون آهن ۽ ٽينءَ سِٽ قافيي کان آجي هوندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن چارئي سٽون پاڻ ۾ هم قافيه ۽ هم رديف به ٿينديون آهن.
رباعيءَ جي اهم شاعرن ۾ رودڪي، بايزيد بسطامي، عمر خيام، امير خسرو، ابو الخير، حافظ شيرازي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. اردوءَ ۾ رودڪيءَ جي وزن بحر ۾، علامه اقبال اڻ ڳڻيون رباعيون لکيون. سنڌيءَ ۾ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي، نارائڻ شيام، راشد مورائي، واصف، ابراهيم خليل ۽ ٻين هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. مثال:
ڇڏ هاڻ تون جلد مال ودولت جو خيال،
مهمان فقط دم جا دولت ۽ هي مال،
سرمايو ڪر تون گڏ جنهن کي نه ڪڏهن،
ڀؤ آهه ڪو موت جو نڪو خوفِ زوال.
(ابراهيم خليل)
قطعو: لغوي اعتبار کان قطعه، القطع، بريدن يعني ڪپڻ، قطعه يعني ‘ڪپيل ٽڪرو’. اصطلاح ۾ قطعه جو مطلب، “نظم جو اهو ننڍي کان ننڍو ٽڪرو آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ چئن سٽن تي مشتمل هوندو آهي يا جنهن ۾ ٻن کان وڌيڪ شعر هجن.” سنڌيءَ ۾ اوائل ۾ مرزا قليچ بيگ فارسي قطعا ترجمو ڪري چندن هار ۽ ٻين ڪتابن ۾ ڇپرايا. ابتدائي قطعا فارسي زده هئا، پر سنڌيءَ ۾ قطعن کي استاد بخاريءَ هتان جي مقامي توڙي عالمي مسئلن سان منفرد انداز ۾ لاڳاپي، ٺيٺ سنڌي صف ۾ آڻي بيهاريو. تان جو هيءَ صنف روايتي دؤر کان سواءِ جديد دؤر ۾ به قبول ڪئي وئي. مثال:
سورج کي ڪُڌي ڌُنڌ جو ڪوهيڙو وٺي ويو،
تدبير کي تقدير جو زنجير ٻجهي ويو،
آواز ٻڌو روڄ ۾ رب لفظ نه سمجهيو،
معصوم گهريو کير، مگر تير ملي ويو.
(استاد بخاري)
موجوده دور ۾ قطعي کي ‘چؤسٽو ’ پڻ چيو ويو آهي، جنهن جا استاد بخاريءَ جا چار مجموعا آهن. اها صنف روزاني اخبارن ۾ عام آهي.
غزل: شاعريءَ جي مقبول ترين صنف ‘غزل’ ايران جي مٽيءَ تي جنم ورتو. رومانوي شاعريءَ جي هن صنف جو خالق ايراني شاعررودڪي’ هو. ان کان اڳ ايران ۾ رڳو قصيده گوئيءَ جو رواج هو ۽ رومانوي شاعريءَ کي به قصيدي ۾ ئي جڳهه ڏني ويندي هئي.
سنڌي شاعري جڏهن کان ايراني شاعريءَ جو اثر قبولڻ شروع ڪيو، تڏهن کان نه رڳو غزل جي هيئت اڌاري ورتائين، پر مضمون، تشبيهون ۽ استعارا به اتان جا سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿيا. ان جا اوائلي اهڃاڻ ٽکڙ جي شاعرن: ميان ڇتن، نور محمد خسته ۽ حافظ عاليءَ جي ڪلام ۾ اڻ لکا ملن ٿا، اهو ڪلهوڙن جو دؤر هيو. اڳتي هلي سچل سرمست، خليفي گل محمد قاسم، غلام محمد شاهه گدا، فضل محمد ماتم، مير عبدالحسين سانگي، هز هائينس مير حسن علي خان، مرزا قليچ هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي. جن کانپوءِ الله بخش اٻوجهي ۽ ڪشنچند بيوس ان صنف جِي ايراني فرسوده مضمون مان ڪڍي، نج سنڌي ٻولي، ماحول ۽ تشبيهن کي غزل ۾ آندو.
جڏهن ته مير نواز علي نياز، حاجي محمد خادم، جمع خان غريب، قادر بخش بشير، بسمل، مخلص ۽ غلام احمد نظامي روايتي فارسي طرز جي شاعري ڪندا رهيا. جنهن کانپوءِ هوندراج دکايل، نارائڻ شيام، شـيـخ ايـاز، ذوالـفـقـار راشدي، وفا ناٿن شـاهـي، خـليـل، گـدائـي، سرشار، طالب المولـيٰ، مـنظـور نـقـوي، ايـم ڪـمل، اسـتاد بخـاري، عبدالحليم جوش، پرڀو وفا، علي محمد مجروح، نياز همايوني، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، ارجن حاسد، عبدالحڪيم ارشد، مير محمد پيرزادي، آسي زميني، خاڪي جويي، اياز گل، تاج جويي، ادل سومري، مريم مجيدي، ج. ع. منگهاڻي، روبينه ابڙو، حليم باغي، بخشل باغي، ايوب کوسي، ذوالفقار سيال ۽ وسيم سومري تائين تمام گهڻن شاعرن غزل جي آبياري ڪئي. مٿي بيان ڪيل شاعرن ۾ ڪي شاعر روايتي رنگ ۾ ئي لکندا رهيا پر اياز ۽ ان کانپوءِ واري جديد شاعريءَ جي ٽهي، غزل جي فڪري دنيا تبديل ڪري ڇڏي ۽ ان کي مقامي رنگ ۾ اهڙو رنگي ڇڏيو، جو ان تان اجنبيت جا سڀ نشان مٽجي ويا. غزل روايتي توڙي جديد سنڌي شاعريءَ جي مقبول صنف بنجي ويو، ۽ اڄ تائين ان ئي مقبوليت سان لکيو وڃي ٿو.
هيءَ صنف، جنهن جا اڳي موضوع اڪثر عشق، حسن، وصال ۽ فراق هوندا هئا، هاڻوڪي دؤر ۾ ان کان وڌي ڪري عشق کان وٺي انقلاب تائين سمورا موضوع منجهس سمايا ٿا وڃن، ان ڪري ئي علم عروض جي قاعدن ۽ ضابطن وارين سڀني صنفن ۾ غزل جي جاءِ مٿانهين آهي. فني لحاظ کان غزل کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: پهريون حصو مطلع، جنهن ۾ غزل جون ٻه ابتدائي سٽون هونديون آهن. هنن ٻنهي سٽن جو پاڻ ۾ هم وزن سان گڏ هم قافيه هئڻ به ضروري آهي. ٻئي حصي ۾ پهرين بند/ مطلع ۽ آخري بند/ مقطع جي وچ وارا بند شامل آهن. ٽئين حصي ۾ غزل جو آخري بند اچي ٿو، جنهن کي مقطع/ آخري بند چئبو آهي. هن ۾ اڪثر ڪري شاعر پنهنجو نالو يا تخلص به استعمال ڪندا آهن.
مڪمل الف- ب وار بالترتيب رديفن تي مشتمل غزلن جي مجموعي کي ‘ديوان’ چئبو آهي. سنڌيءَ جو پهريون ديوان لکندڙ شاعر خليفو گل محمد گل هالائي آهي، جنهن بعد ‘ديوان فاضل’، ‘ديوان سانگي’، ‘ديوان قاسم’، سيد اطهر گيلانيءَ جي 200 ڪتابن مان 20 ديوان آهن، دين محمد اڪرم ٻورڙائيءَ جا چار ديوان، راشد مورائيءَ جو ‘ديوان راشد’، منصور ملڪ جو ديوان ‘لا’، ان کان سواءِ ڪيئي ديوان منظرعام تي آيا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ اسحاق سميجي، اياز جي سڀني غزلن کي سهيڙي ‘گيڙو ويس غزل’ جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو آهي. غزل جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
سـوچــون سـاريـون هـارايـل سـردارن جيـان،
خـواب پيـا هـا پـيـرن ۾، تـلـوارن جيـان.
کلـندا، روئندا، ٻُڌندا، ڪجهه چوندا به نيٺ،
ڇـو سمجهـو ٿا ماڻهـن کـي، ديوارن جيان.
جـيـون جـي هن مـوت سمـان خاموشيءَ ۾،
تنهـنجا نـرمـل نـيـڻ لـڳـن ٿـا نـعـرن جيان.
ڏک جـي ڪـاري رات هئـي چـوڌاري ۽،
تـنهنجا منهنجا لڙڪ ٿي ٽمڪيا تارن جيان.
رات سڄي مان جاڳي ڏينهن ڪندو آهيان،
جـڏهـن به لڳـنـدي آهـيـن، دنيـا وارن جيان. (اياز گل)
گيت: گيت، هندي شاعريءَ جي بنيادي صنفن مان هڪ آهي. گيت سنسڪرت لفظ ‘گيا’ مان ورتل آهي. سنڌيءَ ۾ ‘ڳيا’ مستعمل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ‘ڳائڻ’. مختلف لغتن ۾ گيت جي معنيٰ ‘راڳ’ يا ’ڳائڻ’ آهي. هنديءَ جي بلڪل آڳاٽين صنفن ۾ دوهو ۽ گيت ئي ملن ٿا. اصل ۾ هندي گيتن جي شروعات مذهبي جذبي سان ٿي. ٻڌمت جي ڀڪشوئن پنٿين جا گيت، ڏهين کان تيرهين صديءَ ۾ ملن ٿا. هنديءَ جي انهن اوائلي گيتڪارن ۾ سويا، نرڀتي نلهه، جگ نگ، خسرو، سندر داس، سورداس، ميران ٻائي ۽ ڇيت سوامي شامل آهن. گيت، لوڪ گيت کان بلڪل نرالي صنف آهي ۽ ان کان گهڻو پوءِ جي پيداوار آهي، جنهن جي ابتدا فطري محبت جي جذبي هيٺ ٿي. موضوعاتي حوالي سان گيت ۾ شاعر عورت جي زباني، درد، فراق جا پرسوز نغما ڳائيندو آهي ۽ محبوب کي مخاطب ٿي، نهٺائيءَ سان پنهنجو حال اوريندو آهي. انسان جا سڀ کان نرم ۽ نازڪ احساس، گيتن ۾ سمويل آهن. وقت گذرڻ سان گيت جي موضوعاتي دنيا ۾ وسعت آئي آهي، رومانويت کان علاوه ان ۾ سماج جي مسئلن، مظلومن جو آواز، مقامي زندگيءَ ۾ معاشري جي تصويرن ۽ وطن ۽ قوم جي اڪير جي جذبن کي به شامل ڪيو ويو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ‘گيت’ 1918ع-1920ع ڌاري آيو. ان کان اڳ مرزا قليچ بيگ، ڀيرو مل مهرچند، محمد صديق مسافر ۽ ٻين ٻاراڻا گيت لکيا هئا. جڏهن ته سڀ کان اڳ ڪشنچند بيوس ئي هو، جنهن ان صنف کي ديس جي پيار ۽ انگريز سامراج خلاف نفرتن سميت ترقي پسند ۽ حقيقي ڪارج جي شاعريءَ طور مروج ڪرڻ شروع ڪيو. اوائلي گيتڪار شاعرن ۾ هوندراج دکايل، کيئلداس فاني، وليرام بيگواڻي ‘فاني’، لطف الله جوڳي ۽ هري دلگير اچي وڃن ٿا.
بيوس سنڌي شاعريءَ ۾ غزل سان گڏ گيت کي به سنڌي ماحول فراهم ڪيو، ان ڪري ئي کيس جديد سنڌي شاعريءَ جو باني شاعر
قرار ڏنو وڃي ٿو. ورهاڱي کان اڳ نرمل جيوتاڻي، لکميچند پريم ۽ پروفيسر مولچند ٺڪر به گيت جي صنف ۾ سٺا واڌارا ڪيا. ان دؤر ۾
نياز همايونيءَ به پاڻ ملهايو ۽ تنهن دؤر کان اڄ تائين شيخ اياز جي مسلسل محنت ۽ 1950ع کان پوءِ جي شاعرن مان عبدالڪريم گدائي، هري دلگير، نارائڻ شيام، بردو سنڌي، گورڌن محبوباڻي، تنوير عباسي، استاد بخاري، شمشير الحيدري، سليم ڳاڙهوي، راشد مورائي، ڪرشن راهي، امداد حسيني، غلام حسين رنگريز، تاجل بيوس، مير محمد پيرزادو، انور پيرزادو، اياز گل، مختيار ملڪ، ادل سومرو، وسيم سومرو، تاج جويو، واجد، خاڪي جويو، آسي زميني، ماڻڪ ملاح ۽ ٻيا انيڪ شاعر شامل آهن، جن هن صنف جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جديد گيت پنهنجي فني ۽ فڪري عظمت سبب اڄ به جديد شاعريءَ جي مقبول صنف آهي. مثال:
او ترڇو هو ڏار ڏکڻ ۾،
ٽم ٽم ٽم ٽم ٻير اڱڻ ۾،
هر ڪو ڳاڙهيون ڳاڱون ميڙي، پن پن تڙپڻ ڪير ڏسي؟
محفل مستي جهوم لڱن ۾،
ڇم ڇم ڇم ڇير صحن ۾،
هر ڪو ڇلندڙ ڇاتي گهوري، دل جو ڌڙڪڻ ڪير ڏسي؟
ساگر سُڏڪي، گاج گجي ٿي،
ڪوهه رڙي ٿو، واچ لڇي ٿي،
ڀونءِ بدن تي ڌوڙ ٿي برسي، رڻ جو روئڻ ڪير ڏسي؟
ڳڱ ٿڌو ٿي پوه سمهي پيو،
آڙهه ٿي آکاڙ اٿي پيو،
ڪوسو ساهه ٿي جهولو چئونڪي، ڪنهنجو ڪوڪڻ ڪير ڏسي؟
(استاد بخاري)
هائيڪو: هائيڪو اصل ۾ جپاني لفظ ‘هيڪو’ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مفرد يا اڪيلو ڪلام. هائيڪو جذبي سان ڀريل هڪ اهڙو معروضي عڪس آهي، جيڪو ‘وٿ’ کي ماڳ ۾ متعين ڪري ٿو يا اهي تصويرون، منظر جن ۾ وٿن (Objects)کي وقت ۽ ماڳ ۾ متعين ڪيو وڃي. هن صنف جو گهاڙيٽو 11-13-11 ماترائن ۽ پهرين ۽ پوئين سٽ جو قافيو ساڳيو هوندو آهي. هائيڪو يا ‘هوڪو’ هڪ مختصر نظم آهي.
هيءَ صنف جپاني ڊگهي نظم ‘ٽنڪا/ ٽانڪا’ مان نڪتي آهي. ٽنڪا ۾ پنج، ست پنج، ست، ست، ماترائون هڪ بند ۾ هونديون آهن ۽ هڪ نظم ۾ ڪيترائي اهڙا بند هوندا آهن. هلندي هلندي ٽنڪا جو هڪ بند الڳ صنف ٿي پيو، ان کي ‘رينگا’ سڏيو ويو. رينگا جو گهاڙيٽو ساڳيو ٽنڪا جي هڪ بند وارو وڃي بيٺو. اڳتي هلي رينگا جو شروعاتي حصو، هڪ ڌار گهاڙيٽو ٿي پيو، ۽ ان کي سڏيائون ‘هائيڪو’ يا شروعات. گهڻن نقادن ‘هائيڪو’ کي جپاني چترڪاريءَ کان متاثر ڄاڻايو آهي.
هائيڪي ۾ ٽن عنصرن کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي، جيڪي آهن: (1) زمان، (2) وٿ، (3) مڪان. وٿ (object) کي زمان (time) ۽ مڪان (space) ۾ متعين (locate) ڪرڻ. هائيڪو جو اصل فن آهي، هائيڪو ۾ اهي ٽي عنصر (What) ڇا، (When) ڪڏهن ۽ ڪٿي (Where) وڏي اهميت رکن ٿا. سنڌيءَ ۾ هائيڪي جو سرواڻ نارائـڻ شـيام کي سڏيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته نارائڻ شيام هائيڪو کي ‘تصويرون’ جي عنوان سان متعارف ڪرايو، پر شيخ اياز جو موقف آهي ته “اهو غلط آهي ته منهنجي سرڳواسي متر نارائڻ شيام هائيڪا پهرين لکيا هئا، اردو زبان ۾ هائيڪو پهريون ڀيرو مون لکيا هئا ۽ ان کانپوءِ مون سنڌيءَ ۾ به لکيا هئا. بهرحال ان بحث کان هٽي ڪري ڏسجي ٿو ته اياز ۽ شيام ٻنهيءَ هن صنف جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اياز هائيڪو ۾ ڪئين نوان تجربا ڪري هن صنف کي چوٽ تي رسايو. سنڌيءَ ۾ ‘هائيڪو’ جو پهريون مجموعو ‘پن ڇڻ پڄاڻان’ پڻ سندس ڪارنامو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي، ذوالفقار راشدي، تاجل بيوس، امداد حسيني، طارق عالم، وسيم سومري ۽ ٻين شاعرن هن صنف کي سنڌيءَ ۾ عام ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن. هائيڪو جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:
ڏيئي ڪنڌ کي ٻانهن،
کٽ تي ليٽي پئي تڪيئي،
رات ستارن ڏانهن!
(نارائڻ شيام)
نظم: انگريزي ادب جي ذريعي سنڌي شاعريءَ ۾ متعارف ڪيل صنف ‘نـظـم’ جي لغوي معنيٰ آهي، ‘هڪ ٻئي سان ملڻ يا ملائڻ’ ۽ ‘پوئڻ’. شاعريءَ جي هن صنف ۾ خيالن، لفظن توڙي ردم ۽ موسيقيءَ، سُر ۽ لئه تي هڪڙي قسم جي خوبصورت اڻت ڪئي ويندي آهي، ته جيئن پڙهندڙ تي سٺو اثر ڇڏي. سنڌي شاعريءَ جي هيءَ اهم بڻجي ويل صنف، جيتوڻيڪ پنهنجي موجوده وصف جي لحاظ کان ويهين صديءَ ۾ مغربي ادب جي اثر جي پيداوار آهي، پر ان کان گهڻو اڳ ڪي اهڙيون صنفون نظر اچن ٿيون، جن مان ڪن ۾ نظم جي هاڻوڪي صنف جي موضوع جا ۽ ڪن ۾ هيئت جا اهڃاڻ ملن ٿا. مثنوي، قصيدو، مرثيو، مسدس، مخمس، مسمط، ترڪيب بند، قطع، جنگ ناما، هجويه نظم، مربع، مدح وغيره حيثيت جي لحاظ کان اهي سڀ ان وقت جي نظم جون صورتون آهن. مهاڀاري لڙائي، خلافت تحريڪ ۽ ان کان پوءِ آزاديءَ جي هلچل ۽ ورهاڱي سان نظم جي خوب پرورش ٿي ۽ نوَن موضوعن ۽ هيئت جي نوَن تجربن سان گڏ، ادائگيءَ جي طرز ۾ به ڦيرو آيو. نظم جي صنف هاڻي رڳو مسلسل بيانيءَ جو نالو نه رهي آهي. بيان جي تسلسل جي جاءِ تي، خيال جو تسلسل نظم جي ضرورت بنجي ويو آهي.
نظم ۾ ڪنهن به هڪڙي مصرع/ سِٽ، شعر يا بند کي پنهنجي الڳ اهميت ڪانهي، بلڪه سمورين مصراعن جي ميلاپ سان هڪڙي جامع ۽ مڪمل شڪل پيدا ٿئي ٿي، جنهن جو مجموعي تاثر ئي نظم جي اصل وصف آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته تاثر جي وحدت، نظم جي بنيادي ضرورت آهي. نظم ۾ فڪر ۽ خيال جي مسلسل پرواز ۽ ربط هوندو آهي، جيڪو ان جي پڄاڻيءَ تائين برقرار رکڻو پوي ٿو. نظم جديد سنڌي شاعريءَ جي مقبول ترين صنف آهي ۽ ڪيترائي شاعر ان تي طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. نظم جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
هر ماڻهوءَ جي من ۾ هڪڙي،
گهوڙي جي ٽاپولي آهي.
هر ماڻهوءَ کي سمنڊ ذرو آ،
هر عاشق کي ساحل آهي.
هر ساحل کي اوسيئڙو آ،
۽ اوسيئڙي جي ليئڙي ۾،
ڪائي ڇلندڙ ڇولي آهي.
هر ماڻهوءَ کي خيال اچن ٿا،
سهڪي صديون سال اچن ٿا،هولن پويان حال اچن ٿا،
حالن ۽ احوالن پويان،
ڪائي ٻرندڙ ٻولي آهي.
هر ماڻهوءَ ۾ مور نچي ٿو،
هر ماڻهوءَ ۾ چور نچي ٿو،
تارونءَ ۾ تلوارون ترندڙ،
هڪڙو پورو دؤر نچي ٿو،
هر ڪو دؤر پرولي آهي.
(حسن درس)
نثري نظم: انگريزي ادب مان آيل هيءَ صنف سنڌيءَ ۾ ‘نظم’ جي هڪ قسم طور ڄاتي وڃي ٿي. نثري نظم جي شروعات فرينچ شاعر بودليئر پنهنجي مجموعي ‘نثر ۾ ننڍا نظم’ سان ڪئي، پر ان جا اوائلي ماخذ مختلف مذهبي صحيفن ۾ به موجود آهن.
ٽئگور جو ‘گيتانجلي’، جيڪو نثري نظم ۾ هو، ان کي نوبل پرائز ملڻ کانپوءِ برصغير ۾ هن صنف وڌيڪ زور ورتو. پنهنجي فني سٽاءَ ۾ هن صنف ۾ وزن، بحر، رديف ۽ قافيي کان سواءِ نظم جون سموريون خاصيتون موجود هئڻ گهرجن. ڪٿي ڪٿي قافيي جو استعمال سِٽن جي وچ ۾ يا آخر ۾ ٿئي ٿو ۽ ان ۾ موسيقيت جو احساس پيدا ڪري ٿو. سنڌيءَ ۾ هن صنف ۾ لالچند امرڏنو مل ‘سدا گلاب’، ڪلا پرڪاش ‘ممتا جون لهرون’، نعيم دريشاڻي ‘اوندهه جو ٻيٽ’، مدد علي سنڌيپنر ملن’، سندري اتمچنداڻي ‘هڳاءُ’، نورالهديٰ شاهه ‘قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ’، سلطانه وقاصي ‘دونهاٽيل درشن’، شرجيل ‘ڇوليون ’ ، شيخ ايازپتڻ ٿو پُـور ڪري’ ۽ ‘ٽڪرا ٽٽل صليب جا’، پشپا ولڀ ‘دريءَ کان ٻاهر’، ارم محبوب ‘منهنجي ڌرتي’، صنـوبر سـيـد ‘تـون آهيـن ڪٿي خوشـبو’، وينا شرنگـي ‘اجنتا جي مورت’، ستار رند ‘لاتعلقي جو سفر’، پارس عباسي ‘ريشمي آواز’ ۽ رمضان نول ‘جهيڻي روشنيءَ جا نظم’ ۽ ‘روح جا سجدا’ مجموعا ڏنا آهن. ان کان سواءِ ڪيترن شاعرن هن صنف جي آبياري ڪئي ۽
ڪري رهيا آهن، جن ۾: حسن درس، حسن مجتبيٰ، بخشڻ مهراڻوي، جان خاصخيلي، امتياز ابڙي، ارشاد ڪاظمي، زاهد دارا ابڙي، عطيه دائود، امـر سـنڌو، ملڪه پيرزاده، شاهه محمد پيرزادي، فراق هاليپوٽي، مصطفيٰ ارباب ۽ ٻين جا نالا اهميت جا حامل آهن. مثال:
مان سرمد هجان ها ته قطب مينار جي چوٽيءَ،
تي چڙهي نغارو وڄائي چوان:
”جاڳو! اي ننڊ ۾ الوٽ انسانو جاڳو! پنهنجين،
حويلين ۽ حجرن مان هو چوڏهينءَ جو چنڊ ڏسو،
جو سانوڻ جي گهٽائن ۾ ڇپي ويو آهي“
۽ جي ان ڪري اورنگزيب جي هٿان ماريو،
وڃان ها ته مون کي افسوس نه ٿئي ها.
اگهاڙپ اوڇڻ ٿيندي آهي بي عيب انسانن جو،
پر رڳو ٻن رباعين چوڻ لاءِ جلاد اڳيان سر،
جهڪائڻ، زندگيءَ جو ڪهڙو نه اجايو اڪلاءُ آهي!
(شيخ اياز)
سنڌيءَ ۾ ڪجهه شاعرن تجريدي نثري نظم به لکيا آهن، جن ۾ ملڪ نديم به هڪ آهي، ان صنف جو نمونو هيءُ آهي:
سرحد تي جي ڦول ڦٽن ٿا،
بکيا ڏيڏر کائي وڃن ٿا،
سيڪريٽرين جي صلاحن تي،
وزير وردين جي واري ڇنڊين ٿا
نانگن جا جڏ مينهن وسن ٿا،
ڏيڏر بوٽن ۾ لڪي وڃن ٿا.
(ملڪ نديم)
آزاد نظم: آزاد نظم سنڌي شاعريءَ ۾ انگريزي ادب جي ذريعي آيو. آزاد نظم تي اهو نالو سندس مخصوص فني سٽاءَ جي ڪري پيو. فني حوالي سان آزاد نظم هڪ ئي بحر تي مبني هوندو آهي، پر بحر جي رڪنن جي تقسيم، شاعريءَ جي صوابديد تي هوندي آهي. آزاد نظم ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ رڪن ٻن مصرعن/ سٽن ۾ تقسيم ٿي ويندو آهي، ڪا مصرع/ سِٽ وڏي يا ڪا مصرع/ سٽ ننڍي هوندي آهي. هن جا گهڻا شاعر آهنگ ۾ صوتي تاثر جو خاص خيال رکندا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن قافيا به استعمال ڪندا آهن. آزاد نظم لکڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو ڪنهن به بحر ۾ لکيو وڃي، بحر کان سواءِ لکيل آزاد نظم کي معياري آزاد نظم نه ٿو چئي سگهجي.
اردو شاعريءَ ۾ ن. م. راشد اهو نالو آهي، جنهن آزاد نظم کي نوان رنگ ۽ روپ ڏنا، جيتوڻيڪ ان تي فيض، ساحر ۽ ٻين به طبع آزمائي ڪئي، پر راشد هن صنف جي حوالي سان هڪ اهم مقام رکي ٿو. سنڌيءَ ۾ شيخ اياز، شمشيرالحيدري، امداد حسيني، مدد علي سنڌي، حسن درس، احمد سولنگي، ايوب کوسي، سرڪش سنڌي، آسي زميني، سـعـيد ميمڻ، ادل سـومـري، ايـاز گل، زخمـي چانڊيـي، علي آڪاش،
وسيم سومري، بخشڻ مهراڻوي، مظهر لغاري ۽ ٻين هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. مثال:
ازل جي پر اسرار آڳ،
جلائي پئي ۽ وسائي پئي زندگيءَ جا ڏيئا،
ڏيئا ۽ ڏياٽيون،
پيون بدلجنديون،
مگر لاٽ سان واٽ پئي جرڪندي،
سدا جوت کي آهه جاڳ،
ازل جي پر اسرار آڳ،
جلائي پئي ۽ وسائي پئي زندگيءَ جا ڏيئا.
(شيخ اياز)
ترائيل: ترائيل اصل ۾ فرانسيسي شاعريءَ جي صنف آهي، جيڪا لفظ Triolet/ ٽرايوليٽ مان ورتل آهي، جنهن جو مقصد آهي ‘ٽه سُرو’. فني لحاظ کان چئن چئن سٽن جي ٻن بندن واري هن صنف ۾ ڪل اٺ سٽون ٿين ٿيون، جنهن جي پهرين، ٽين ۽ پنجين سٽ هم قافيه ۽ ٻي ۽ ڇهين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن. پهرين سٽ، چوٿين ۽ ستين سٽ ۾ ۽ ٻين سٽ اٺين سٽ ۾ ورجاءُ طور ورجايون وينديون آهن. هن صنف ۾، ساڳي سٽ کي ‘ٽي ڀيرا’ ورجائي، مضمون کي هڪ جاءِ تي سلهاڙيو ويندو آهي. ان ڪري ٻن مرڪزي سٽن جي وري ورجاءَ سان نه رڳو فني گهرج پوري ٿئي، پر منجهس خوبصورتي به پيدا ٿئي. شيخ اياز ترائيل جي باري ۾ لکي ٿو ته، “ترائيل جو گهاڙيٽو فرينچ مان اردوءَ ۾ ورتو ويو ۽ اردوءَ تان سنڌيءَ ۾ آيو.” هن صنف کي سنڌي زبان ۾ متعارف ڪرائڻ جو سهرو سنڌيءَ جي نامور شاعر نارائڻ شيام تي آهي. هن سنڌيءَ ۾ ترائيل “فاعلاتن، فعلاتن، فعلاتن فع” جي وزن تي لکيا. جنهن کانپوءِ هري دلگير ۽ هري ڪانت تمام گهڻيءَ محنت سان هن صنف کي سنڌيءَ ۾ مانائتو مقام ڏياريو. ايستائين جو سنڌيءَ ۾ ترائيلن جو مڪمل مجموعو ڀارت ۾ هريڪانت جو “پرهه کان پهرين” شايع ٿيو. سنڌ ۾ ترائيل کي امداد حسينيءَ متعارف ڪرايو، جنهن کان پوءِ تاج بلوچ، اياز گل، مير محمد پيرزادي، ادل سومري، مختيار ملڪ، نصير مرزا، تاج جويي ۽ ٻين ڪيترن شاعرن هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي. استاد بخاريءَ هڪ طرف ترائيل به لکيا ته ٻئي طرف اٺ سٽن جي نالي سان الڳ گهاڙيٽن هيٺ نظم به لکيا آهن. جڏهن ته شيخ اياز پنهنجي عمر جي پڇاڙڪن سالن ۾ ترائيل تي نه رڳو طبع آزمائي ڪئي پر ان جي گهاڙيٽن ۾ به تمام گهڻا تجربا ڪيا، ۽ سنڌي ادب کي سنڌ ۾ پهريون ترائيلن جو مجموعو ‘چنڊ ڳليون’ پڻ ارپيو. اياز پنهنجي ترائيلن جي باري ۾ لکي ٿو ته، “مان ڪافي فرينچ ادب، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ترجمي ذريعي پڙهيو آهي، پوءِ به مون کي اردو ترائيل جو ترنم پسند آيو آهي، جيڪو فرينچ يا انگريزي ترائيل وانگر نه آهي. ان جو فارم ته ساڳيو آهي، پر ترنم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ترائيل جا تجربا اردو يا سنڌي ادب ۾ پهريون ڀيرو نه ڪري رهيو آهيان، پر اردو ۽ سنڌي ترائيل رڳو فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن ۽ غالباً مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن جي وزن تي جوڙيو ويو آهي. مون ان ۾ تجرباتي طور ٻيا وزن به پهريون ڀيرو ڪم آندا آهن ۽ گهاڙيٽن کي به ڪٿي ڪٿي ڦيرايو آهي.” مثال:
اڃـان ته نـنڊ منجهان ٿي ڏري اٿي ڏارو،
اڃـان ته جـنڊ پيو پيسجي اڳي وانگر!
اڃـان عـوام اڳـي جيـئـن آهـه ويچارو،
اڃان ته باک ڦٽي نانهه اي وطن وارؤ!
ٻڌي ويو آ وري تيرگيءَ ۾ تارو،
اڃان ته هانءُ پيو هيسجي اڳي وانگر،
اڃان نصيب مٿان آهه ڪو ڪڪر ڪارو!
اڃان ته ننڊ منجهان ٿي ڏري اٿي ڏارو!
(شيخ اياز)
سانيٽ: سانيٽ، اٽالين (اطالوي) ٻوليءَ جي لفظ ‘Sonneto’ مان ورتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ ‘ننڍو راڳ’ يا ‘مختصر گيت’ آهي. سانيٽ غنائيه نظم جو هڪ ننڍڙو قسم آهي. انگريزي شاعريءَ جي ٻن قسمن ‘پابند فارم’ ۽ ‘آزاد فارم’ مان سانيٽ اولهه يورپ ۽ آمريڪا ۾ پابند فارم جي نظم ۾ شمار ٿئي ٿو. سانيٽ جي شروعات چوڏهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري اٽليءَ جي مشهور شاعر پيٽرارڪ (Petrarch: 1304-1374) ڪئي.
ڏيڍ سٽا: سنڌي شاعريءَ ۾ هيءَ صنف جديد سنڌي شاعريءَ جي سر موڙ شاعر شيخ اياز ايجاد ڪئي. اياز پنهنجي ايجاد ڪيل هن صنف بابت پنهنجي ئي ڏيڍ سٽن جي مجموعي ‘ننڊ وليون’ ۾ لکي ٿو ته، “ڏيڍ سٽا فارسيءَ جي ‘مستزاد’ ۽ پنجابي گيت ‘ماهيا’ جو ميل جول آهي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين صنف آهن، جيڪي آسانيءَ سان ڳائي سگهجن ٿا.” ڏيڍ سٽي ۾ پهرين اڌ سٽ ٿئي ٿي، جنهن جي آخر ۾ قافيو اچي ٿو ۽ ٻيءَ سِٽ مڪمل هوندي آهي، جنهن جي آخر ۾ قافيو اچي ٿو. جڏهن ته ڪجهه ڏيڍ سٽن جي پهرئين اڌ سٽ ۾، توڙي ٻيءَ سڄي سِٽ ۾ قافين سان گڏ رديف پڻ استعمال ٿئي ٿو. هن صنف جو وزن پڻ مقرر ٿيل آهي، جنهن موجب پهرين اڌ سٽ ۾ مفعول مفاعيلن، ۽ پوئين/ ٻيءَ سڄي سِٽ ۾ ٻه ڀيرا مفعول مفاعيلن ڪتب اچي ٿو.
شيخ ايـاز جـي ‘ڏيـڍ سٽـو’ صنف جي ايجاد ۽ ان صنف جي مجموعي ‘ننڊ وليون’ جي اشاعت کان پوءِ هيءَ صنف سنڌيءَ ۾ ڪافي عام ٿي وئي، جنهن تي نئين ٽهيءَ جي تمام گهڻن شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي، ان ئي صنف کي ‘ڏيڍوڻا’ جي صنف جي نالي هيٺ به سرجيو آهي. وسيم سومري جا اهڙا ڏيڍوڻا سندس شاعريءَ جي مجموعي ‘ياد جي نيري ندي’ ۾ شامل آهن. ان ئي نانءَ جي پوئواري ڪندي رخسانه پريت چنڙ پنهنجي ڪتاب ‘پياسي ساڀيان جل ٿل خواب’ ۾ ‘ڏيڍوڻا’ نالي سان هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. بهرحال جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز واري گهاڙيٽي کي ئي اصل ‘ڏيڍ سٽو’ مڃيو وڃي ٿو. مثال:
ڪيڏانهن پئي ڪاهين،
جئن باک ڦٽي ٽانگر، تون ائين ٽڙي آهين.
(شيخ اياز)
مون سان ته نه ها ڄايا،
اي ماءُ ٻڌاءِ مون کي، هي درد ڪٿان آيا!؟
(آسي زميني)
ٽيڙو: ٽيڙو، سنڌي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ‘ٽي’. اصطلاحي معنيٰ موجب آسمان تي پور وڇوٽيءَ تي بيٺل ٽن تارن کي ‘ٽيڙو’ چئبو آهي. هائيڪو کان متاثر ٿي سنڌيءَ ۾ هيءَ صنف امداد حسينيءَ متعارف ڪرائي. هن صنف ۾ ڪل 35 ماترائون ٿينديون آهن، يعني هائيڪو کان هڪ ماترا وڌيڪ، ڇو ته هائيڪو ۾ 11-13-11 ماترائون ڪم اينديون آهن. ٽيڙو ۾ به پهرين ۽ ٽين سٽ هم قافيه هوندي آهي ۽ وچين سٽ آزاد هوندي آهي. مثال:
سوچون، اڌما، اونَ،
ڳهريل هي جي ڳوٺڙا،
جاڳندا به يا ڪو نه!
(امداد حسيني)
ٽه سٽا: ٽن سٽن تي مشتمل صنف ‘ٽه سٽا’ به آهي، جنهن تي تمام گهڻو ڪم ‘پرڀو وفا’ ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ شيخ اياز، اسحاق سميجي ۽ ڪن ٻين به ٽه سٽا لکيا آهن، پر انهن سڀني جا بحر وزن توڙي گهاڙيٽا الڳ الڳ آهن. پرڀو وفا پنهنجي ٽه سٽن جي پهرين ۽ ٽين سٽ جو وزن هائيڪو جو، يعني “فعلن فعلن فاع” رکيو آهي، جڏهن ته وچينءَ سِٽ جو وزن چار دفعا “فعلن” استعمال ڪيو اٿائين، ۽ قافيا هائيڪو جيان رکيا ويا آهن. جڏهن ته شيخ اياز جي ٽه سٽن ۾ قافيه ساڳئي ئي انداز ۾ استعمال ٿين ٿا، پر ان پنهنجي وزن بحر کي پرڀو وفا کان الڳ رکيو آهي. سنڌ ۾ اڪثر ‘ٽه سٽاشيخ اياز واري گهاڙيٽي تحت لکجن ٿا، پر نوجوان شاعر اسحاق سميجي پنهنجي ٽه سٽن ۾ اڪثر ٻين ۽ ٽين سٽ کي هم قافيه رکيو آهي، پهرين کي آزاد ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڳچ ٽه سٽن ۾ هن ڪو به قافيو استعمال نه ڪيو آهي. هن صنف جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:
اچ اچ ڀاڪر پاءِ،
هڪ ٻئي کان اڄ جدا ٿيون ٿا،
وري ملڻ جي لاءِ.
(پرڀو وفا)
ڪنهن هي ڪالهه چي:
“ڦول نه ڦٽو ٽار تي
منهنجي پاند پيو.”
(شيخ اياز)
پـنـج سِـٽا: سنڌيءَ ۾ هيءَ صنف پنجن گهاڙيٽن ۾ لکي وئي آهي.هر ‘پنج سٽي’ جون سٽون يا بند ته پنج ئي آهن، پر ٿوري ڦيرگهير سان
ان کي پنجن فارمن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. نامياري شاعر مير محمد پيرزادي، استاد بخاريءَ جي ڪتاب ‘ميلا ملهالا’ جي مهاڳ ۾ استاد بخاريءَ جي مٿي ڄاڻايل پنجن ئي گهاڙيٽن وارن ‘پنج سٽن’ جو تعارف ائين ڪرايو آهي ته، “فارم جي لحاظ کان پنج سٽا پنجن فارمن هيٺ لکيا وڃن ٿا. پنج سٽن جي بحر وزن جي ڪا به مخصوصيت نه آهي، يعني ڪهڙي به بحر وزن تي انهن کي لکي سگهجي ٿو. پنجن ئي سٽن جو وزن ڪهڙو به هجي،پر سڀ سٽون هڪڙي ئي وزن تي هئڻ گهرجن. باقي قافيي کي الڳ الڳ فارمن ۾ مختلف انداز ۾ ڪتب آندو ويندو آهي. هن صنف جو هڪ مثال هن ريت آهي:
هڪ هو جو هر قدم تي، نوڙي جُهڪي مري ويو،
ڌاري مهار نڪ ۾، ڊوڙي ڊُڪي مري ويو،
هڪ جو هر ستم تي بجلي، ڳڙو ٿي ڪڙڪيو،
غيرت جي مامري ۾ شعلو، اُلو ٿي ڀڙڪيو،
ڄڻ ڏاڍ جي مُنڍيءَ ۾، ڪُنڍي کُپي مري ويو.
(استاد بخاري)
پنجڪڙا: شاعريءَ جي هيءَ صنف سنڌي شاعرن هري دلگير، پرڀو وفا ۽ ٻين متعارف ڪرائي. سنڌ ۾ به ڪيترن شاعرن پنجڪڙا لکيا آهن، جن ۾ ايوب گل، راشد مورائي، تاج جويو، اسحاق سميجو، وسيم سومرو، سعيد ميمڻ ۽ خاڪي جويو جا نالا قابل ذڪر آهن. هن صنف جو وزن بحر ڪجهه هن ريت آهي ته، هن جي هر سٽ جون ماترائون 15-16 ماترائن کان وڌائي نه ٿيون سگهجن ۽ ان تحت ئي لکي وڃي ٿي. پنجڪڙا جي پهرين سٽ ۽ چوٿين سٽ پاڻ ۾ هم قافيا هونديون آهن ۽ ٻين ۽ ٽين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن. جڏهن ته پنجين سٽ ۾ پهرين سٽ ورجائي ويندي آهي. ڀارت ۾ هن صنف تي پرڀو وفا جو ڪتاب ‘سرخ گلاب سرها خواب’، جڏهن ته سنڌ ۾ سعيد ميمڻ جو ڪتاب ‘ڪاري بر ۾ چـنـڊ’، جيڪو هڪ طويل نظم کان سواءِ رڳو پنجڪڙن تي مشتمل آهي. سنڌ ۾ نئين ٽهيءَ ۾ هيءَ صنف تيزيءَ سان پنهنجون پاڙون پختيون ڪري رهي آهي.
ڇهه سٽا: ڇهن سٽن تي مشتمل صنف ‘ڇهه سٽا’، ‘مسدس’ کان هٽيل صنف آهي. مسدس واري گهاڙيٽي ۾ طويل نظم ٿين ٿا، جڏهن ته ‘ڇهه سٽا’ جي صنف ۾ طويل توڙي الڳ الڳ نظم به لکيا وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جي مجموعي ‘رڻ تي رم جهم’ ۾ ڇهه سٽي جي گهاڙيٽي ۾ طويل نظم به موجود آهي، جڏهن ته انفرادي ڇهه سٽا به ملن ٿا. اياز جي ڇهه سٽن جي گهاڙيٽي ۾ ٽين ۽ ڇهين سٽ هم قافيا آهن. جڏهن ته باقي سٽون هم وزن ضرور آهن، پر هم قافيا نه آهن. اياز جي ڇهه سٽن واري گهاڙيٽي واري طويل نظم ‘سپنا سڀني جا’ جي ڇهه سٽن ۾ پهرين ۽ ٽين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه، جڏهن ته ٻين، ٽين، پنجين ۽ ڇـهـيـن سـٽ پاڻ ۾ هـم قـافيـا پـڻ آهـن. ‘ڇـهـه سـٽا’ جـي سـري سـان استاد بخاريءَ به طبع آزمائي ڪئي آهي، پر ان جو گهاڙيٽو شيخ اياز جي ‘ڇهه سٽن’ کان هٽيل آهي. استاد بخاريءَ جي ڇهه سٽن ۾ پهرين ۽ ٻين سٽ پاڻ ۾ هم قافيا هونديون آهن، ٽين ۽ ڇهين سٽ پاڻ ۾ هم قافيا آهن، جڏهن ته چوٿين ۽ پنجين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه آهن، ڇهه سٽن ۾ ڪنهن به مخصوص بحروزن جي پابندي ناهي، اهي ڪنهن به وزن ۾ چئي سگهجن ٿا پر سٽون پاڻ ۾ هم وزن هئڻ گهرجن. مثال:
جهومندڙ هوائن ۾،
رات ڄام شوري جي،
ڪنهن رباب وانگر آ!
عمر ائين اڏامي ٿي،
ڄڻ پکي پرن تي آ،
وقت خواب وانگر آ.
(شيخ اياز)
ڇتارا: ڇتارو، سنڌيءَ جي ڇهن سٽن جي اهڙي صنف آهي، جنهن جون ٻه ٻه سٽون هم قافيه هونديون آهن. پهرئين ‘ٻه سٽي’ هم قافيا بند جو آخري لفظ، ٽئين سٽ/ ٻئي بند جو پهريون حصو ٿي ڪم ايندو آهي. اهڙي ريت ٻيون ٻه سٽون/ بند پاڻ ۾ هم قافيا هوندو آهي ۽ ٽيون بند ۽ آخري بند پاڻ ۾ هم قافيا هوندا آهن. ان بند جو آخري لفظ قافيو ۽ هن ڇتاري جو پهريون لفظ ساڳيو هوندو آهي. ‘ڇتارو’ صنف سنڌيءَ ۾ نامياري شاعر تاج جويي متعارف ڪرائي. ج.ع. منگهاڻي ۽ ٻين ان تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هيءَ صنف اصل ۾ هندي صنف ‘ڪنڊليءَ’ جو سڌريل روپ آهي. مثال:
ماڪ سمورا جهٽيا لڙڪ،
ڀرم ري رهجي ويئي مرڪ،
مرڪ جا گل گلاب ٽڙيا،
ڀونئر جتان ڪٿان مڙيا،
ڪنهن نه ڏٺا اندر جا چاڪ،
ڳوڙها ڳوڙها برسي ماڪ.
(ج. ع. منگهاڻي)
سـت سـِٽا: سنڌ ۾ البيلي شاعر استاد بخاريءَ ‘ست سٽا’ سٽن جي ڳاڻيٽي جي حوالي سان منفرد گهاڙيٽي ۾ لکيا آهن. صنف تي نالو به ان ئي پس منظر ۾ رکيو اٿس. استاد جي هنن ست سٽن مان پهرئين جي بيهڪ قافيي جي لحاظ کان ٽن دوهن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ستين ۽ آخري سٽ، ٻئي نمبر دوهي سان هم قافيه آهي. جڏهن ته ان جو وزن فعولن، فعولن، فعولن، فعولن (چار ڀيرا فعولن) تي مشتمل آهي. هوڏانهن ٻئي ست سٽي ۾ ست ئي سٽون هم قافيه آهن. سواءِ پهرين سٽ جي رديف جي، هن ست سٽي جو وزن فاعلاتن فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلن (ٽي دفعا فاعلاتن ۽ هڪ دفعو فاعلن) تي مشتمل آهي. ‘ست سٽا’ جي سري سان وسيم سومري به شاعري سرجي آهي.
‘ست سٽا’ جو مثال:
مليو توکي محبوب جوڀن به آهي،
وڏو ناز انداز جو فن به آهي،
مگر درد- ڌَنُ ناهه ڄڻ ڪجهه به ناهي،
جي لنؤ لنؤ لگن ناهه، ڄڻ ڪجهه به ناهي،
۽ مان عشق جو عزم پورو رکان ٿو،
پتا پار تنهنجا ئي پڇندو وتان ٿو،
جتن ۽ جلن ناهه، ڄڻ ڪجهه به ناهي.
(استاد بخاري)
اٺ سـٽا: ‘اٺ سـٽـا’ استاد بخاريءَ جي تجرباتي هيئتي نواڻ جو انوکو مثال آهن. هن صنف جو نالو ان جي سٽن جي ترتيب جي نيت سان آهي. هن صنف ۾ اٺ سٽون هونديون آهن. استاد بخاريءَ پنهنجي ‘اٺ سٽن’ مان هر هڪ ۾ سٽاءُ نرالو رکيو آهي. هنن اٺ سٽن ۾ استاد بحرن کي ٽوڙي، توڙي انهن جي ڪجهه رڪنن کي جيئن جو تيئن، ته ڪٿي وري مٽائي سٽائي ۽ انهن مان پنهنجي ردم، لئه ۽ روانيءَ جو ڪم ورتو آهي. استاد پنهنجي ترائيل کي به ائين ئي اٺ سٽن جي فارم ۾ شامل ڪيو آهي، سندس ‘اٺ سٽي’ جو هڪ مثال هن ريت آهي. مثال:
نتيجو مٽائي،
کڻي لک لٽائي،
اسان ڪوششن جون،
قطارون لڳايون!
جيئين واٽ گهائي،
هٽائي، رنڊائي،
ائين روز ووڙون،
وري ٿا وڌايون.
(استاد بخاري)
ماهيا: ماهيا، پنجابي لوڪ شاعريءَ جي اهم صنف آهي. سنڌيءَ ۾ جيترو بيت ۽ ڏوهيڙو عام ۽ اهم آهي. ‘ماهيو’ پڻ پنجابيءَ ۾ ساڳي اهميت رکي ٿو. ‘ماهيو’ ماهيءَ جو اسم تصغير آهي. ماهي معنيٰ ‘محبوب، مٺو يا سڄڻ’. ماهيا پنهنجي ماهيت ۾ هڪ درد جو آواز آهي، جنهن کي سوز سان گڏ سُر به آهي. سنڌيءَ ۾ ‘ڏيڍ سٽا ’ ماهيي جي ويجهو سمجهيا وڃن ٿا، پر اياز پنهنجي ڏيڍ سٽن ۾ ماهيا وانگر رڳو هڪ وزن نه، پر گهڻا وزن ڪتب آندا آهن.
سنڌيءَ زبان ۾ هن صنف ۾ سڀ کان پهرين خوبصورت ماهيا نياز همايونيءَ لکيا ۽ ان بعد رشيد احمد لاشاري ۽ نور شاهين به طبع آزمائي ڪئي، پر انهن جي بيهڪ اصل ماهيا کان الڳ ٿلڳ آهي. سنڌيءَ ۾ هن صنف جا ٻين ٻولين مان ترجما به ڪيا ويا آهن. ماهيا کي اردوءَ ۾ متعارف ڪرائيندڙ علي محمد فرشيءَ جو اردوءَ ۾ ماهين جو مجموعو ‘دک لال پرنده هي’ ڇپيو، ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو بخشل باغيءَ ڪيو آهي، جنهن جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:
سانوڻ جي گهٽا لکجان!
تون پيار ڪهاڻيءَ ۾،
هڪ شخص هوا لکجان.
-
ڇا سليان چنبيليءَ سان؟
هر روز لڪايان ٿي،
جا ڳالهه سهيليءَ سان.
مرثيو: مشرق توڙي مغرب جي سڀني زبانن جي شاعريءَ ۾ مرثيه جي صنف موجود آهي. انگريزيءَ ۾ ان کي ‘ايلجي’ چوندا آهن. مرثيه جي لغوي معنيٰ آهي: ‘اهو نظم جيڪو ڪنهن شخص جي موت يا ڪنهن دل ڏاريندڙ واقعي کان متاثر ٿي لکيو وڃي’. دنيا جي مختلف زبانن ۾ شاعرن پنهنجي انفرادي لاڳاپي وارن شخصن ۽ واقعن تي مرثيه چيا آهن، ۽ تاريخي ۽ قومي ڪردارن ۽ حادثن تي به، پر رفته رفته اسان وٽ مرثيه جو خاص مطلب انهيءَ نظم لاءِ مقرر ٿي ويو آهي، جيڪو اسلامي تاريخ جي ڪربلا واري مشهور واقعي بابت لکيو وڃي، جنهن ۾ امام حسين عليه السلام ۽ ٻين شهيدن جي تعريف ۽ توصيف، ۽ انهن کي پيش آيل تڪليفن بابت، جنهن ۾ ڏک جو اظهار هوندو آهي. جذباتي لڳاءَ جي ڪري ان ۾ درد ۽ غم جي تاثراتي ڪيفيت هوندي آهي ۽ ٻڌندڙن تي ان جو گهرو اثر ٿيندو آهي، جوش ۽ جذبي جي شدت سبب مرثيه داخلي شاعريءَ جو عمدو نمونو آهي. منظرنگاري، سيرت نگاري ۽ ڪردارنگاري مرثيه جا اهم جزا آهن ۽ انهيءَ ڪري مرثيه ۾ جيڪا تصور جي زبردست قوت استعمال ٿئي ٿي، تنهن هن صنف کي وڏي ادبي اهميت ڏئي ڇڏي آهي. اردو ادب ۾ انيس ۽ دبير کي انهيءَ ڪري وڏو درجو حاصل آهي جو، سندن مرثين جا بياض اردو ادب جو قيمتي سرمايو سمجهيا وڃن ٿا. بلڪ مير انيس کي ته ‘خدائي سخن’ چيو وڃي ٿو. هي هڪ تحقيق شده حقيقت آهي ته سنڌي مرثيه جي ابتدا بيتن ۽ ڏوهيڙن سان ٿي، جنهن جو مثال خدائي سخن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ سُر ڪيڏارو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان درد ۽ غم جي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي. نه رڳو ايترو، بلڪ جوش ۽ جذبي جي شدت سببان وار وار ڪانڊارجو وڃي، ليڪن علم عروض جي حدن اندر عربي بحرن تي جنهن سنڌي مرثيه جي ابتدا ڪئي، سو سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي آهي. سيد ثابت علي شاهه پهريون مرثيه 1186هه/ 1772ع ۾ (مربع) چيو. جنهن جو مطلع آهي: ‘اي خدا جا لاڏلا سردار سرور يا حسين’ تنهن کان پوءِ مسدس جي صورت ۾ به مرثيه چيائين. اهو سيد ثابت علي شاهه جو سنڌيءَ ۾ هن صنف جي وسعت ۽ ترقيءَ طرف پهريون قدم هو.
سيد ثابت علي شاهه کان پوءِ ڪيترائي سنڌي مرثيه گو شاعر پيدا ٿيا، جن نه رڳو مرثيه ۾ جدتون پيدا ڪيون، بلڪ اڳي جيڪو مرثيه فقط درد و غم جي بيان تائين محدود هو، تنهن ۾ گهوڙي، تلوار ۽ ٻين موضوعن کي شامل ڪيو.
هيـٺ ڪجهه آڳاٽن ۽ موجود سنڌي مختصر مرثيه گـو شـاعـرن جو منتخب ڪلام پيش ڪجي ٿو.
ادبي نقطه نگاهه کان مرثيه ۾ نيون جدتون ۽ نوان اسلوب سيد ثابت علي شاهه پيدا ڪيا ۽ صحيح معنيٰ ۾ رزميه شاعريءَ جي ابتدا ڪئي.
جڏهن چڙهيو گهوڙي تي چئي الله اڪبر شهسوار،
پر غضب ٿيو هٿ وٺي لاسيف الاذوالفقار،
عرش و ڪرسي ٿا ڪنبن ۽ گاو ماهي بيقرار،
حضرت روح الامين کي پنهنجا پر پيا يادگار،
برتبشِ تيغ دوسر هر وقت ان کي ياد هئي،
قوم جيني جنهن جي ضربئون ٻيخ وبن برباد هئي.
سيد خير شاهه، سيد ثابت علي شاهه جو همعصر هو. حيدرآباد ۾ خير شاهه جي پڙ ۾ مدفون آهي. سندس ‘جنگ نامو’ مشهور آهي:
صالح فرزند ٿيا تولد گهر علي جي شير شجاع ڄايا،
ڄــام وڌا تـن ڄمـندي بار بخـت بُلـند هـاءِ.
سيد عظيم الدين ٺٽوي (1749-1814ع) ٺٽي ۾ ڄائو ۽ اتي وفات ڪيائين. مشهور مؤرخ مير علي شير قانع جو ڀائٽيو هو. فارسيءَ جو باڪمال شاعر هو ۽ صاحب ديوان ٿي گذريو آهي:
اڄ مير مومن جا مدينو ڇڏي هليا،
گهر ڊاهي جنتن ۾ اُتارا اڏي هليا،
سج چنڊ مصطفيٰ جا سڀئي دل گڏي هليا،
انڌار ٿي پئي، جا ستار لڏي هليا.
سنڌ جي عظيم شاعر هفت زبان سچل سرمست پڻ مرثيه تي طبع آزمائي ڪئي آهي:
يا اِمامُ المُسلمين ڪر يار ياري يا حُسين،
ملڪ ۾ ماتم پيو هئي بيقراري يا حُسين،
بُلبلن ڇوڙي ڇڏيا باغ و بهاري يا حُسين،
هاءِ حورن کي ڏسڻ جي انتظاري يا حُسين.
هن کان سواءِ مير نصير خانجعفري’، هزهائينس مير حسن علي خان، آخوند محمد بچل، مرزا مراد علي بيگ، مرزا بنده علي بيگ، آخوند محمد عالم ‘عالم’، بيدل فقير، مرزا فتح علي بيگ ‘فتح’، مخدوم امين محمد سائين، سيد امام بخش شاهه ‘فدوي’، مخدوم محمد سيوهاڻي ‘مُحمد’، پير شاهه نصير الدين، مرزا قاسم علي بيگ، سيد غلام مرتضيٰ شاهه، آغا نور محمد شاهه، مرزا عباس علي بيگ، مرزا ٻڍل بيگ، ميان غلام محمد ڪمانگر، سيد محمد علي شاهه، سـيد زمـان شاهه، ميـر مـهـر نجـف ‘غريـب’، مــرزا قليـچ بيگ، مـيـان غلام تونساڻي، ميرزا قربان علي بيگ، سيد روشن علي شاهه ‘روشن’، محمد اسماعيل ‘اسماعيل’، مخدوم غلام رسول، مخدوم غلام محمد، محمد بخش ‘واصف’، ميرزا امام علي بيگ، سيد غلام حيدر شاهه ‘ڪوثري’، ميرزا گل حسن ‘احسن ڪربلائي’، ميرزا عباس علي، ميرزا فتح علي، ميرزا فياض ۽ ٻين ڪيترن شاعرن مرثيا چيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو